يومِ تڪبير تي ملتوي ٿيندڙ پيپرن جي نئين تاريخ اچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ميٽرڪ بورڊ 28 مئي تي يومِ تڪبير جي ڪري ملتوي ٿيندڙ پيپرن جي نئين تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب اهو پيپر هاڻ آچر 2 جون تي ٿيندو.
تعليمي بورڊ ڪراچي جي وقتي چيئرمين خالد احسان موجب 28 مئي تي سموري ملڪ ۾ يومِ تڪبير تي عام موڪل جي ڪري ملتوي ٿيل پيپر هاڻي آچر ڏهاڙي تي ورتو ويندو.
پهرين جون کان انٽرميڊئيٽ جا پيپر شروع ٿي رهيا آهن، جنهن دوران ڪجهه امتحاني سينٽرن ۾ هڪ ئي وقت ميٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان ورتا ويندا.

Karachi Papers EducationDepartment

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.