ڪراچي (پ ر) وفاقي اردو يونيورسٽي جي شيخ الجامعه پروفيسر ڊاڪٽر ضابطه خان شنواري سان اردو سائنس بورڊ جي ڊائريڪٽر ضياءُ الله طورو پنهنجي وفد سان گڏ دورو ۽ ملاقات ڪئي.
ڊاڪٽر ضابطه خان شنواري وفد جي آجيان ڪئي ۽ ڳالهائيندي وفاقي اردو يونيورسٽي جي قيام ۽ فائدن تي روشني وڌي.
هن ٻڌايو ته يونيورسٽي ۾ هن وقت 15000 کان وڌيڪ شاگرد مختلف شعبن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن.
هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته قومي ٻولي ۾ تعليم ڏيڻ سان شاگردن ۾ شعور پيدا ٿيندو آهي، سڄي دنيا ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون پنهنجي ٻولي ۾ علم ۽ فن سکندا آهن.
اردو سائنس بورڊ جي خدمتن کي ساراهيندي هن ٻنهي ادارن وچ ۾ معاهدي تي رضامندي ظاهر ڪئي.
وفد جي سربراهه ضياءُ الله خان طورو ڊائريڪٽر اردو سائنس بورڊ جي خدمتن کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته 1962 کان وٺي هيل تائين بورڊ تاريخ، سائنسي علم ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل 800 کان وڌيڪ مضمون اردو ٻولي ۾ ڇاپي چڪو آهي، بورڊ جي قيام جو بنيادي مقصد قومي ٻولي ۾ سائنسي علم جي واڌ ويجهه آهي، اهو فرض انجام ڏيڻ جي سلسلي ۾ بورڊ جو وفد مختلف يونيورسٽين جو دورو ڪري رهيو آهي، بورڊ وفاقي اردو يونيورسٽي جي سهڪار ۽ ڀائيواري سان وڌيڪ ڪتابن جي اشاعت جو ارادو رکي ٿو.
ان کان اڳ پروفيسر ڊاڪٽر ياسمين سلطانه چيئرپرسن اردو شعبو گفتگو ڪندي يونيورسٽي جي شاگردن کي انٽرن شپ لاءِ اردو سائنس بورڊ موڪلڻ لاءِ دلچسپي جو اظهار ڪيو. ان کانسواءِ يونيورسٽي جي شاگردن لاءِ سائنسي ڪتابن جو اردو ترجمو سونپڻ جي تجويز پيش ڪئي.
ٻنهي ادارن وچ ۾ خدمتن جو معاهدو ڪرڻ تي اتفاق ٿيو. ادارن وچ ۾ وڌيڪ اڳڀرائي لاءِ فوري طور تي فوڪل پرسنز جي نامزدگي تي اتفاق ٿيو، ان کانسواءِ لائبريري ۾ اردو سائنس بورڊ جي مضمونن جو دستو ٺاهڻ تي اتفاق ٿيو.
ملاقات ۾ بورڊ جي آفيسرن انجنيئر امين ڊپٽي ڊائريڪٽر، ظهير خالد قريشي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پيليڪيشنز، فاطمه شهزادي ۽ عطيه زهرا اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڪوآرڊينيشن ۽ بڪ ايمبسڊر سلطان خليل به موجود هئا.
You might also like