ڪراچي ( نمائندن وٽان ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سخت گرمي جي لهر برقرار آهي، اڪثر شهرن ۾ گرمي پد 50 سينٽي گريڊ کان ڪراس ڪرڻ لڳي، گرمي جي سٽ نه سهندي هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو بيهوش ٿي ويا، رپورٽ مطابق ڄام صاحب ڄام صاحب ڀرسان ڳوٺ حڪيم مجيداڻو جو رھواسي نوجوان پورهيت 30 سالن جو نوجوان سانوڻ مجيداڻو سارين جو رونبو ڪندي گرمي لڳڻ سبب بيهوش ٿي ويو ته کيس علاج لاءِ نوابشاھ اسپتال نيو پئي ويو ته نوجوان رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو ، نوابشاهه ۾ گرمي پد 53 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن سبب هيٽ اسٽروڪ ڪري 25 کان وڌيڪ ماڻهو بيهوش ٿي ويا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، موهن جي دڙي تي به 53 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، هوڏانهن ڪراچي ۾ گرمي پد 35 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، ٺٽو۾ 37 سينٽي گريڊ ، سجاول ۾ 38 سينٽي گريڊ، بدين 42 ، حيدرآباد ۽ ٽنڊوالهيار ۾ گرمي پد 47 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، ٽنڊو محمد خان ، مٽياري ۽ ڄامشوري ۾ 47 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، دادو ۾ 50 جڏهن ته ميرپورخاص، عمر ڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ۾ گرمي پد 46 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو ، سانگهڙ 50، وشهروفيروز 49، سکر، خيرپور، گهوٽڪي، لاڙڪاڻو ۽ شڪارپور۾ 49 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، هوڏانهن جيڪب آباد ۾ 50 ، ڪشمور ۽ قمبر شهدادڪوٽ ۾ گرمي پد 49 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.