ڪراچيءَ ۾ ڍورن جي فيس نالي 2 ارب رپين جي ڪرپشن جو انڪشاف

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) ڪراچي ۾ ڍورن جي فيس جي نالي تي ڏيڍ کان 2 ارب رپين جي ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي. اينٽي ڪرپشن کاتي غير قانوني ٺيڪي ڏيڻ جي باضابطا جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن، ڊپٽي ڊائريڪٽر ايسٽ کي معاملي جي جاچ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب هيلٿ ڪليئرنس سرٽيفڪيٽ ۽ ملچنگ اينيمل ٽيڪس  وصولي جو ٺيڪو ايم ڪي ڪانٽريڪٽر کي ڏنو ويو، ٽائون چيئرمين طارق بلوچ، ميونسپل ڪمشنر احمد يار عباسي تي غيرقانوني ٺيڪي جي الاٽمينٽ جا الزام آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊائريڪٽر ايڊمن شريف شيخ، ڊائريڪٽر ٽيڪسيشن ذوهيب دشتي ۽ همايون عمران به غير قانوني ڪمن ۾ ملوث آهن، جيلاني انٽرپرائزز جي شڪايت تي اينٽي ڪرپشن کاتي پاران جاچ شروع ڪئي وئي آهي. متاثر ٺيڪيدار جو چوڻ آهي ته ٺيڪو 24 ڪروڙ رپين ۾ غير قانوني طور ايم ڪي ڪمپني کي ڏنو ويو. ذريعن موجب ٽائون ميونسپل گڏاپ انتظاميا پاران ٺيڪو ڏيڻ ۾ قانوني گهرجون پوريون نه ڪيون ويون، اهو ٺيڪو بنيادي طور شهري حڪومت جو مينڊيٽ هو جيڪو بعد ۾ ضلعي ڪائونسل ڪراچي جي حوالي ڪيو ويو. ضابطن موجب ڀينس ڪالوني ۾ صرف ٽائون انتظاميا کير ڏيندڙ جانورن کان ٺيڪا وٺي سگهي ٿي پر سڄي ملڪ مان ايندڙ لکين جانورن کان في جانور 300 کان 600 رپيا ٽيڪس وصول ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته موٽر وي ايم 9 تي چيڪ پوسٽ نمبر 5 تي روزانو 50 کان 60 لک رپيا وصولي ٿي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.