اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ رهندڙ چيني شهرين کي فول پروف سيڪيورٽي ڏني ويندي ۽ ان حوالي سان پلان ترتيب ڏنو ويو آهي.
وزيراعظم هائوس مان جاري ڪيل پريس رليز ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي حوالي سان جائزو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ وفاقي وزيرن طرفان پاڪستان چين ٻطرفي معاشي لاڳاپن جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون ويون.
اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان چين سان ترجيحي بنيادن تي زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ توانائي جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ چاهي ٿو.
هن چيو ته چين، پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ اهم ڀائيواري آهي ۽ اسان چين ۾ پاڪستاني شين جي برآمد ۾ واڌ چاهيون ٿا.
شهباز شريف جو چوڻ هو ته حڪومت چيني صنعتڪارن ۽ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي، پاڪستان ۾ رهندڙ چيني شهرين کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي.
وزيراعظم چيو ته چيني انڊسٽري خاص طور تي چيني ٽيڪسٽائل انڊسٽري کي پاڪستان ۾ صنعتون لڳائڻ جي دعوت ڏيون ٿا، چيني سهڪار سان گوادر بندرگاهه کي لاجسٽڪس جو حب بڻايو ويندو. سي پيڪ جي اڳئين مرحلي جي حوالي سان به ڀرپور تيار ڪري رهيا آهيون، ايگريڪلچر ڊيمانسٽريشن زونز جو قيام سي پيڪ جي ايندڙ مرحلي جي حوالي سان اهم منصوبو هوندو.
PMShahbazSharif China Chinesecitizen