دهشتگردي خلاف جنگ ۾ کٽڻ کانسواءِ پاڪستان وٽ ٻيو ڪو آپشن ناهي: بلاول ڀٽو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته فوجي جوانن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته قوم دهشتگردن خلاف وڙهندڙ جوانن جي پٺيان بيٺل آهي.
پنهنجي بيان ۾پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنجن فوجي جوانن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪندي 23 دهشتگرد مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي جوانن جي ساراهه ڪئي.
هن چيو ته خيبرپختونخوا آپريشن دوران 23 دهشتگردن کي مارڻ وڏي ڪاميابي آهي.
سندس چوڻ هو ته قوم دهشتگردن خلاف وڙهندڙ جوانن جي پٺيان بيٺل آهي.
بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته آپريشن دوران شهيد ٿيل جوان قوم جا بهادر پٽ هئا.
هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ کٽڻ کانسواءِ پاڪستان وٽ ٻيو ڪو آپشن ناهي…..

BilawalBhuttozardari Pakarmy ISPR

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.