پي ٽي آءِ باني جيل ۾ ويهي پاڪستان خلاف ڪڌي سازش ڪري رهيو آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جيل ۾ ويهي پاڪستان خلاف ڪڌي سازش ڪري رهيو آهي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته اڄوڪو ڏينهن پاڪستان جي تاريخ ۾ اهم ڏينهن آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو.
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني جيل ۾ ويهي پاڪستان خلاف ڪڌي سازش ڪري رهيو آهي، پي ٽي آءِ باني مجيب الرحمان جي حاميت ڪري رهيو آهي، هو ان واقعي تي سياست ڪري رهيو آهي جنهن ۾ ملڪ ٻه اڌ ٿي ويو، پي ٽي آءِ باني جو جهيڙو ڪنهن سياسي پارٽي سان نه پر ملڪ سان آهي.
هن چيو ته هڪ شخص جيل ۾ ويهي انٽرويوز ڏئي رهيو آهي، جيل ۾ ويٺل هڪ شخص جا انٽرويوز نشر ٿي رهيا آهن، آرٽيڪل ڇپجي رهيا آهن، جيل ۾ ويٺل شخص قوم کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
سينيئر صوبائي وزير چيو ته مجيب الرحمان کي قوم هيرو قرار ڏئي جيل ۾ ويٺل شخص ملڪ خلاف سازش ڪئي. 1971ع جي سانحي تي به سياست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پي ٽي آءِ باني احسان فراموش شخص آهي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ باني پوليس، ججز ۽ ادارن کي ڌمڪيون ڏنيون، هو جڏهن اقتدار ۾ هو ته اهڙيون ڳالهيون ڇو نه ڪندو هو جو اڄ ڪري رهيو آهي.

Sharjeelmemon ImranKhan PTI

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.