حيدرآباد(رپورٽر) عوامي آواز ميڊيا گروپ جي سڏ تي لاڙڪاڻو يونين آف جرنلسٽس پاران شهيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري جي لاءِ سينيئر صحافي مرتضيٰ ڪلهوڙي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج ۾ شريڪ صحافين شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي صحافين ڳالهائيندي چيو ته شهيد نصرالله گڏاڻي سچ جي رستي تي هلندڙ صحافي هو، کيس هيڻن جو آواز بڻجڻ جي ڏوهه ۾ شهيد ڪيو ويو آهي.