اوچتو موڪل تي حيراني، مارڪيٽون کليل رکڻ جو اعلان

ڪراچي/لاهور( رپورٽر/م ڊ) ايٽمي ڌماڪن جي ڏهاڙي يوم تڪبير تي وفاقي سرڪار جي عام موڪل جي اعلان تي واپارين حيراني جو اظهار ڪندي اڄ مارڪيٽون کليل رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ ڪراچي جي واپاري اڳواڻ عتيق مير چيو آهي ته ڪمزور معيشت ايتريون موڪلون برداشت نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته واپارين لاءِ به يوم تڪبير اهم آهي، اسان اهو ڀرپور نموني ملهائينداسين. لاهور جي واپارين انجمن تاجران چيو آهي ته اوچتو موڪلن سان معيشت تي ناڪاري اثر پون ٿا. هن چيو ته ڪاروباري معاهدا رٿيل هوندا آهن، ٽرانزيڪشن رڪجي وڃن ٿيون. 03

  1. سرگوڌا واقعي جو ڪيس داخل، 140 جوابدار گرفتار

سرگوڌا ( م ڊ ) سرگوڌا ۾ پيش آيل توهين مذهب واري مامري جو ڪيس دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيو ويو آهي، پوليس ڪارروايون ڪندي 140 ڄڻن کي  گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته مجاهد ڪالوني  واقعي ۾ ڀڄ ڊاهه ڪرڻ جي الزام هيٺ 140 ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي،پوليس جو چوڻ آهي ته  جوابدارن مٿان دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، وڊيوز جي مدد سان اڃان وڌيڪ گرفتارين جو عمل جاري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.