پارليامينٽ اشرافيه جي وچ ۾ ٽڪراءَ ۾ ڌر بڻجڻ کان پاسو ڪري : رضا رباني

اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي سينيٽ چيئرمين ۽ پ پ اڳواڻ رضا رباني جو چوڻ آهي ته پارليامينٽ کي اشرافيا جي وچ ۾ ٽڪراءَ ۾ ڌر بڻجڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رضا رباني چيو ته پاڪستان مختلف  بحرانن جي لپيٽ ۾ آهي، هڪ بحران حڪمران اشرافيه جي اندر جو تضاد آهي، حڪمران اشرافيه جي اندر جي تضاد جون پاڙون تاريخي آهن.  پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ پنهنجي سياسي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ لاءِ عدليه جو سهارو وٺندي رهي. رضا رباني چيو ته ملڪ جي ورهايل سياسي ماحول حڪمران اشرافيه ۾ برابري کي متاثر ڪيو آهي.  اشرافيا جي وچ ۾ تضاد رياستي ادارن جي ڪارڪردگيءَ تي اثرانداز ٿي رهيا آهن ۽ انهن تضادن جي عوام آڏو بي نقاب ٿيڻ ڪمزور سياسي نظام تي گهرا پاڇا پيا آهن. سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين چيو ته وفاقي پارلياماني نظام ۾ پارليامينٽ اشرافيه جي وچ ۾ تڪرارن جو ٽياڪڙ هوندو آهي، پارليامينٽ کي اشرافيه جي تڪرار ۾ ڌر بڻجڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. رضا رباني چيو ته سينيٽ جي سموري ايوان جي ڪميٽي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، هڪ اداري جي ٻئي اداري جي معاملن ۾ مداخلت لاءِ آئين کي استعمال ڪيو پيو وڃي، اهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي جتي قانون جي حڪمراني ختم ٿي وئي آهي. هن چيو ته انتظامي ۽ سياسي عدم استحڪام پيدا ٿي چڪو آهي، مسئلن جو حل عظيم ادارتي ڳالهين ۾ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.