ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڪورٽ رپورٽرن کي روزاني جيان عدالتي ڪارروائين جي رپورٽنگ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ عدالتي ڪارروائي جي رپورٽنگ تي پابندي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت پيمرا جي 21 مئي جي نوٽيفڪيشن ۾ پابندي واري شقن کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، جنهن ۾ عدالت صحافين کي روزاني رپورٽنگ جي اجازت ڏئي ڇڏي.سنڌ هاءِ ڪورٽ پيمرا، اطلاعات واري وزارت ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي 6 جون تائين جواب طلب ڪري ورتو.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالتي رپورٽنگ ۾ عدالتي رپورٽرن کي به ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، ڪجهه ريمارڪس يا مشاهدا نشر ڪرڻ سان عدليه بابت غلط تاثر پيدا ٿئي ٿو.سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 6 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.