نيب جو رمانڊ 14 مان وڌي 40 ڏينهن ٿي ويو، آرڊيننس جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قائم مقام صدر يوسف رضا گيلاني ٻه آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيا.
يوسف رضا گيلاني نيب ترميمي آرڊيننس جاري ڪيو، جنهن تحت نيب جو رمانڊ 14 ڏينهن مان وڌائي 40 ڏينهن ڪيو ويو آهي.
نيب ترميمي آرڊيننس موجب بدنيتي تي ٻڌل ڪيس ٺاهڻ تي نيب آفيسر جي سزا 5 سالن مان گهٽائي ٻه سال ڪئي وئي آهي.
قائم مقام صدر اليڪشن ايڪٽ ترميمي آرڊيننس به جاري ڪري ڇڏيو.
اليڪشن ايڪٽ ترميم آرڊيننس موجب اليڪشن ٽربيونل ۾ حاضر سروس جج کانسواءِ رٽائرڊ جج به هوندا.

nab yousufrazagilani ppp

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.