هيٽ ويو سبب ڳور هاري عورتن کي وڌيڪ خطرو، موسمياتي تبديلي وزارت خبردار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) موسمياتي تبديلي واري وزارت چيو آهي ته هيٽ ويو سبب ڳور هاري عورتن کي وڌيڪ خطرو هوندو آهي.
موسمياتي تبديلي واري وزارت جي ترجمان موجب، گلوبل وارمنگ سبب ويجهڙائي وارن سالن دوران پاڪستان ۾ موتمار هيٽ ويوز جي شدت جو خطرو وڌي ويو آهي.
ترجمان موجب، گرمين جي مهينن دوران شديد گرمي ماڻهن جي صحت کي ڊي هائيڊريشن کان هيٽ ويو ريشز تائين تمام گهڻو نقصان پهچائي سگهي ٿي.
ترجمان خبردار ڪيو ته هيٽ ويو سبب ڳور هاري عورتن کي وڌيڪ خطرو هوندو آهي، ڪمزور مدافعتي نظام رکڻ هئڻ ڪري ٻارن، بزرگن ۽ عورتن لاءِ صورتحال وڌيڪ ڳڻتي جوڳي ۽ سنگين ٿي سگهي ٿي.
هن چيو ته ماڻهن کي صحت جي پريشان ڪندڙن مسئلن کان هر ممڪن طريقي سان پاڻ بچائڻو پوندو خاص طور صبح 11 وڳي کان منجهند 3 وڳي تائين غيرضروري طور گهر کان ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي.
ترجمان موجب، جيتوڻيڪ ڪو به ماڻهو هيٽ ويو سبب متاثر ٿي سگهي ٿو پر ڳور هاري عورتن کي وڌيڪ خطرو هوندو آهي، انڪري ضروري آهي ته ڳور هاري عورتون وڌيڪ گرمي پد دوران ٻاهر وڃڻ کان پاسو ڪن.

Heatwave Pregnant Women

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.