گمبٽ (ن ع آ) گمبٽ ۾ وائيس آف گمبٽ جي سڏ تي شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي شھرين صحافين سول سوسائٽي جي ماڻھن گمبٽ پريس ڪلب پھچي شھيد جي تصوير آڏو ميڻ بتيون ٻاري گل نڇاور ڪري ڀيٽا پيش ڪئي ان موقعي تي صحافين قمرالدين شيخ، ڪشور ڪمار، زبير سيال، ناظم ڄامڙو، سلمان عاطف مغل، حفيظ شيخ، مجيب شيخ ۽ ٻين جو جوڻ ھو ته شھيد نصرالله گڏاڻي سرداري ۽ ڪرپٽ نظام طلاف متحد آواز ھو
-
شهيد نصرالله گڏاڻي جا قاتل رياست کان به ڏاڍا آهن؟ هوسڙي جا صحافي
حيدرآباد(رپورٽر) عوامي آواز ميرپورماٿيلو جي جاکوڙي ۽ بھادر صحافي نصرالله گڏاڻي جي شهادت واقعي خلاف ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ هوسڙي جي صحافين پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهري جي اڳواڻي روشن شورو، جانب چانگ، عمران نديم شورو، نٿو رام، نور حسين سولنگي، رمضان بروهي، شاهد سميجو، قادر ملاح، ڪامران سولنگي ڪئي. صحافين جو چوڻ هو ته ميرپورماٿيلو ۾ صحافي نصرالله گڏاڻي کي بيگناهه گولين جو کاڄ بڻايو ويو آهي، پر قاتل توڙي سھولتڪار اڃا تائين گرفتار نٿي سگھيا آھن ۽ مقامي انتظاميه توڙي سنڌ سرڪار خاموش تماشي بڻيل آهي. هنن چيو ته ڏوهاري قسم جا ماڻهو رياست کان ڏاڍا آهن جو سرعام قتل ڪرڻ کان پوءِ گرفتار به نٿا ٿي سگهن، ڇا اسان ائين سمجهون ته قاتل آهن ئي رياست جا پاليل جيڪي صحافين کي ٽارگيٽ ڪري وس وارن وٽ وڃي پناهه ٿا وٺن. مظاهرين چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل واري واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي قاتلن کي فوري گرفتار ڪري انهن کي ڦاھي ڏني وڃي.17