حيدرآباد ۾ احتجاج ڪرڻ تي 30 شاگردن مٿان دهشت گردي جو ڪيس داخل

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد پوليس کنڀي گم ڪيل شاگرد جي بازيابي جي لاءِ احتجاج ڪندڙ 30 کان وڌيڪ شاگردن مٿان دهشتگردي ۽ ڊيوٽي اٽڪاءُ سميت ٻين قلمن تحت ايف آئي آر داخل ڪري ورتي آهي. پوليس پاران  سرڪاري فرياد تي نسيم نگر چيڪ پوسٽ تي ايس آئي پي محمد سليمان لاشاري جي فرياد تي قلم 324, 353, 341, 337/HII, 427, 148, 149 PPC R/W 6/7 ATA تحت داخل ڪيل ايف آئي آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته واڌو واهه گيٽ لڳ نيشنل هاءِ وي تي هٿن ۾ بينر، لٺيون، ڏنڊا ۽ سريا کنيل 150 کان وڌيڪ مظاهرين نعريبازي ڪندي نيشنل هاءِ وي بند ڪري ڇڏيو، جنهن جي ڪري ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، مظاهرين چيو ته اسان جو ماڻهو ڪوٽڙي مان کڄي ويو آهي، جيستائين اهو ماڻهو نه ملندو روڊ نه کولينداسين، اسان جي گهڻي سمجهائڻ باوجود هنن روڊ نه کوليو، پر هنن اسان جي جائز ڊيوٽي ۾ اٽڪاءُ ڪندي پوليس مٿان پسٽلن سان فائرنگ ۽ پٿراءُ ڪري ڏنو، پوليس ڪارروائي ڪندي 14 جوابدارن کي گرفتار ڪيو، جن ۾ ضمير احمد پٽ جميل احمد مهيري، اسدالله پٽ عبدالله مهيري، محمد ڪميل پٽ عبدالخالق ابڙو، ضمير احمد پٽ مير محمد ابڙو، محمد عرس پٽ ڪانڊيرو مشوري، امجد علي پٽ عبدالرحمان وساڻ، علي بلال پٽ مير محمد کونهارو، مرتضيٰ پٽ ساجن آريسر، عمران پٽ علي گوهر شر، مگهن پٽ سميرو چنڊ ڪولهي، منيش ڪمار پٽ رميش ڪمار ميگهواڙ، زبير علي پٽ مشتاق علي مهيري ۽ نظير پٽ عبدالستار کوسو شامل آهي. گرفتار ڪيلن کان ورتل تلاشي ۾ ڪجهه به نه مليو، جڏهن ته پوليس انهن جي هٿن ۾ کنيل لٺيون ۽ سريا هٿ ڪري ورتا، ايف آئي آر ۾ گرفتار ڪيلن کانسواءِ ٻين شاگردن کي به جوابدار ڄاڻايو ويو آهي، ايف آئي آر موجب مختلف قومپرست تنطيمن سان تعلق رکندڙ تنظيمي عهديدارن ۽ ٻين کي سڃاتو ويو آهي جن ۾ اسدالله عرف نادر ڀلائي، ذيشان چانڊيو، مرتضيٰ آريسر، عبدالحفيظ چانڊيو، عبدالفتاح چانڊيو، حبيب ميمڻ، صلاح الدين سومرو، امير حسن عرف باغي، سرمد خشڪ، فواد حسين پٽ وارث، آصف علي، نبي بخش عرف قربان پنهور، عبدالجبار بوزدار، شعيب، ثاقب عرف ساحل ڦلپوٽو، شهزاد علي، راحب شڪارپوري، ابوزر ٻگهيو، زبير ميهري ۽ ڪميل ٿلهو شامل آهي. ايف آئي آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدار هم صلاح ٿي ڪري منصوبو تيار ڪري سازش جوڙي، هنگامو ڪري، ناحق هاءِ وي بند ڪري عام ماڻهن ۾ خوف ۽ حراسمينٽ پکيڙي، اسان جي جائز ڊيوٽي ۾ اٽڪاءُ ڪري اسان پوليس کي مارڻ جي ارادي سان سڌي فائرنگ ڪري چيڪ پوسٽ ۽ سرڪاري موبائيل گاڏي تي پٿراءُ ڪري دهشتگردي، خوف ۽ حراس پکيڙيو، جوابدار ذيشان چانڊيو وٽان بنا لائسنس پسٽل ملڻ ڪري سندس مٿان الڳ آرمس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويندو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن سنڌ شاگرد اتحاد پاران گنڀي گم ڪيل شاگرد علي رضا بروهي جي آزادي لاءِ نسيم نگر چوڪ کان ريلي ڪڍي وڌاو واهه الفلاح وٽ نيشنل هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو هو، ڌرڻي دوران پوليس شاگردن جو احتجاج زبردستي ختم ڪرائي روڊ کولرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته شاگردن ۽ پوليس اهلڪارن وچ ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، جنهن کانپوءِ پوليس جي وڌيڪ نفري طلب ڪئي وئي، پوليس شاگردن مٿان لٺبازي، شيلنگ ۽ هوائي فائرنگ ڪندي 14 شاگردن کي گرفتار ڪري احتجاج ختم ڪرائي روڊ کولرايو هو. احتجاج ڪندڙ شاگردن جو چوڻ هو ته شاگرد علي رضا بروهي کي 17 مئي تي بنا جواز گرفتار ڪري گم ڪيو ويو آهي، پر سندس گرفتاري ظاهر نٿي ڪئي وڃي، پوليس اسان پرامن احتجاج مٿان لٺبازي ڪندي پاڻ افراتفري پکيڙي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.