ڊائريڪٽوريٽ آف سنڌ واٽر سيڪٽر اينڊ بئراج امپروومينٽ ۾ هراسمينٽ ڪيس،ڌريون طلب

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) ڊائريڪٽوريٽ آف سنڌ واٽر سيڪٽر اينڊ بئراج امپروومينٽ ڪراچي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪندڙ هما ڪامران  پراجيڪٽ ڪوآرڊينيٽر نذير احمد ميمڻ، ڊائريڪٽر پلاننگ غلام مرتضيٰ ابڙو ۽ نائب قاصد سهيل خلاف صوبائي محتسب اعليٰ سنڌ ۾ هراسمينٽ ايڪٽ جي سيڪشن2(ايڇ) تحت  هراسمينٽ جي درخواست داخل ڪرائي آهي، درخواست هما ڪامران لکيو آهي ته نذير ميمڻ سنڌ ايريگيشن ڊرينيج اٿارٽي ۾ آفيسر آهي، جنهن پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري ڊائريڪٽوريٽ آف سنڌ واٽر سيڪٽر اينڊ بئراج امپروومينٽ ڪراچي ۾ڊيپوٽيشن تي مقرري ڪرائي آهي،جنهن ڊائريڪٽوريٽ کي ”حرم“ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي،هو روز مون کي چوندو آهي ته مون سان چانهه جو ڪوپ گڏ پي، هن پنهنجي من پسند عورتن کي پنج کان ڇهه لک پگهارن تي مقرر ڪيو آهي، هن الزام هنيو ته غلام مرتضيٰ ابڙو هن کي واٽس ايپ تي وڊيو ڪال ڪري جنسي طور هراسان ڪري رهيو آهي، اسٽاف کي به هدايت ڪئي وئي آهي ته مون سان ڪم ۾ سهڪار نه ڪيو وڃي،ايستائين جو سوئيپرن کي منهنجي آفيس جي صفائي کان به روڪيو ويو آهي،هن الزام هنيو ته پراجيڪٽ ڪوآرڊينيٽر جي هدايتن تي نائب قاصد سهيل هن جي آفيس جا دروازا بند ڪري هن تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي،جڏهن ته آفيس ۾ ڪيترائي گهوسٽ ملازم گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيا آهن، ان مان هڪ مثال نيلوفر بلوچ جو آهي جيڪا 6 سالن کان غيرحاضر آهي،هن چيو ته مان اعليٰ اختيارين کي لکت ۾ شڪايتون ڏنيون آهن پر اهي ردي ٽوڪري حوالي ٿي وڃن ٿيون، منهنجو پروموشن به ان ڪاوڙ ۾ روڪيو ويو آهي، هن محتسب اعليٰ سنڌ کي انصاف جي اپيل ڪئي آهي،جڏهن ته هما ڪامران جي درخواست تي محتسب اعليٰ سنڌ درخواست گذار،نذير ميمڻ، غلام مرتضيٰ ابڙو ۽ نائب قاصد سهيل کي اڄ طلب ڪيو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.