پشاور ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 5 دهشتگرد مارجي ويا،2 جوان شهيد

راولپنڊي (م ڊ  )   سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي پشاور جي  علائقي حسن خيل ۾ آپريشن ڪيو ويو.آءِ ايس پي آر موجب فورسز جي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا پر دهشتگردن جي فائرنگ سبب فورسز جي ٽيم جو سربراهه ڪيپٽن ۽ هڪ جوان پڻ شهيد ٿي ويا.ڪيپٽن حسن جهانگير شهيد جو تعلق ضلعي رحيم يار خان سان ۽ ان جي عمر 25 سال هئي. ڪيپٽن حسين 4 سالن تائين پاڪ فوج ۾ وطن جي دفاع لاءِ خدمتون سرانجام ڏنيون هن سوڳوارن ۾ والدين ۽ ڀيڻ ڀاءُ ڇڏيا.  حوالدار شفيق الله شهيد ضلعي ڪرڪ جو رهواسي هو سندس عمر 36 سال هئي هن 18 سالن تائين پاڪ فوج ۾ ملڪ جي دفاع لاءِ خدمتون انجام ڏنيون هن سوڳوارن ۾ گهر واري، هڪ پٽ ۽ 2 ڌيئرون ڇڏيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.