شهيد نصرالله گڏاڻي جي وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري

ميرپورماٿيلو(ن ع آ) ميرپورماٿيلو جي شهيد صحافي نصرﷲ گڏاڻي جي پوئينرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي، اڳوڻو ايم اين اي ميان  عبدالحق عرف ميان مٺو، پ پ پ شهيد ڀٽو اڳواڻ وڪيل قربان ڪلوڙ، سعيد بوزدار، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ ٻيا پهچي تعزيت ڪئي ان کان علاوہ ڪيترائي سياسي سماجي تنظيمن جا اڳواڻ ڪارڪن تڏي تي پهتا، ان موقعي اڳواڻن چيو ته شهيد جان محمد مھر ۽ نصرﷲ گڏاڻي جا قاتل گرفتار ڪري انهن کي سخت سزا ڏني وڃي نصرﷲ گڏاڻي مٿان ٿيل حملي کي هڪ هفتو ٿي ويو آهي پر اڃان تائين هن جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آهن ۽ نه ئي ڪيس داخل ٿي سگهيو آهي جڏهن ته گھوٽڪي ضلعي جي چونڊيل نمائندن مان صرف صوبائي وزير زراعت، اينٽي ڪرپشن محمد بخش مهر تعزيت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.