شهيد نصرالله گڏاڻي جي قتل خلاف ۽ پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ مظاهرا

ڪراچي/دادو ( نمائندن وٽان ) سکر ضلعي ۾ ٽن سالن کان اغوا ٿيل پريا ڪماري جي آزادي، روزاني عوامي آواز ميرپور ماٿيلو جي شهيد ٿيل رپورٽر نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سنڌ سول سوسائٽي، هندو برادري ۽ جسٽس فار نصرالله جي طرفان ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران سهڻي پارس، سنڌيا سومرو، ايڊووڪيٽ مارئي ڪلهوڙو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي  روزاني هلچل جي چيف ايڊيٽر يونس مهر، پي ٽي آءِ جي اڳواڻ ڊاڪٽر جئپال ڇاپڙيا، عمار دايو، علي غلام، رابيل ابڙو، سرمد عتيق، مھتاب راٺوڙ ۽ ٻين تقرير ڪندي چيو ته سنڌ اسيمبلي سردارن، جاگيردارن جي اوطاق بڻيل آهي، سنڌ کي غلام رکڻ ۽ وسيلن تي قبضن ڪرڻ ۽ سنڌ جي قومي ٻڌي ۽ جدوجهد کي روڪڻ لاءِ رياستي ادار سردارن، جاگيردارن کي دادلو ٻار ڪري پالي رهيا آهن، جيڪي نصرالله گڏاڻي جي قتل، پريا ڪماري جي اغوا ۽ ڌاڙيل راڄ قائم ڪرڻ ۽ قبيلائي دهشتگردي ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته پريا ڪماري آزاد نه ٿي ٿئي سگهي ۽ نصرالله گڏاڻي سميت ٻين صحافين جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آهن،  پر سنڌي نوجوانن کي رياستي ايجنسيون کنڀي گم ڪري رهيون آهن، جيڪڏهن سنڌ ۾ بدامني بند ڪري رياست پنهنجون سنڌ دشمن پاليسيون تبديل نه ڪيون ته پوءِ هي ملڪ رهي نه سگهندو. هنن مطالبو ڪيو ته شهيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي، پريا ڪماري کي بازياب ڪرائي اغوا ۾ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾آندو وڃي، اغوا ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرائي ڌاڙيل راڄ ختم ڪيو وڃي.هوڏانهن دادو ۾  معصوم نياڻي پريا ڪماري جي آزاديءَ لاءِ ۽ ميرپور ماٿيلو ۾ عوامي آواز جي رپورٽر نصرالله گڏاڻي جي بيگناهه قتل واقعي خلاف پريا ڪماري ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سئنيما چوڪ کان دادو پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن اعجاز ملڪاڻي، منصور پنهور، عبدالحميد ميمڻ، ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ميرپور ماٿيلو ۾ صحافي جي بيگناهه قتل تي افسوس آهي حق سچ ڳالهائڻ وارن کي تشدد ۽ کنڀي گم ڪري قتل ڪيو وڃي ٿو،  هنن چيو ته صحافي نصرالله گڏاڻي کي سرعام ڏينهن ڏٺي جو گوليون هڻي قاتل آساني سان فرار ٿي ويا، قاتل گرفتار ڪيا وڃن، هنن چيو ته ڳچ عرصو گذرڻ باوجود سنڌ سرڪار پريا ڪماري کي آزاد ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، آءِ جي سنڌ توڙي سنڌ جا حڪمران معصوم نياڻي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ سجيده ناهن،جلد پريا ڪماري کي بازياب ڪرايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.