باڊھ(ن ع آ) شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل خلاف جسقپ جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ دودوديشي، سارنگ سومرو، هيمون ڀٽي، مخيتار موريو ۽ رحمن سنڌي ٻين جي اڳواڻي ۾ ھڪ احتجاجي مظاهري ڪري ڌرڻو ھنيو ويو ۽ گھوٽڪي جي صحافي شھيد نصرالله گڏاڻي جي قتل خلاف ڪارڪنن سخت نعريبازي ڪئي وئي. مظاهري کي قومپرست اڳواڻن دودوديشي ٻين چيو ته مقتول صحافي نصرالله گڏاڻي هميشه جاگيردارن ۽ وڏيرو خلاف سچ لکيو، مظاھرين گھر ڪـئي ته شھيد صحافي جي خون جو انصاف ڪيو وڃي قاتلن کي گرفتار ڪيووڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو، احتجاجي مظاھري ۾ پپو ڀُٽي، سيد عنايت شاھ، قادر چنه، عزيز ڪولاچي، علي شير گاڏھي ، اقبال کوکر، هوش ڀٽي، امرسنڌي گل محمد ابڙو۽ ٻين شرڪت ڪئي..