سنڌ سچ لکندڙ صحافين لاءِ مقتل گاهه بڻجي چڪي آهي: محنتي

ڪراچي(رپورٽر)امير جماعت اسلامي سنڌ محمد حسين محنتي جمعيت علماءَ اسلام پاڪستان جي اڳواڻ ۽ ديني اسڪالر قاضي احمد نوراني کي ڪل جماعتي ڪانفرنس جي دعوت ڏني، ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن ملڪ توڙي ملت جي صورتحال سميت باهمي دلچسپي جي مامرن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ  ڪئي. صوبائي امير پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر عليم عادل شيخ، شيعه علماءَ ڪونسل جي ناظر عباس تقوي ۽ مجلس وحدت المسلمين جي علامه باقر عباس زيدي کي به ڪل جماعتي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني جن ڀرپورشرڪت جو يقين ڏياريو. محمد حسين محنتي چيو ته مُراد علي شاه سنڌ حڪومت امن امان جي قيام ۽ شهرين جي جان توڙي مال جي تحفظ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ثابت ٿي آهي. صحافي نصرالله گڏاڻي جو بيدردي سان قتل ۽ قاتلن کي کليل ڇوٽ سندن نا اهلي جو کليل ثبوت آهي، پيپلزپارٽي جي دور ۾ سنڌ صوبو حق ۽ سچ لکندڙ صحافين لاءِ مقتل گاهه بڻجي چڪو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.