”پٽ جا قاتل گرفتار ڪريو“ شهيد نصرالله گڏاڻي جي امڙ جو ٿاڻي آڏو احتجاج

ميرپورماٿيلو (رپورٽ: پريم راٺوڙ) شهيد صحافي نصرﷲ گڏاڻي جي والده مسمات پٺاڻي ميرپورماٿيلو پوليس ٿاڻي آڏو پُٽ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪندي آخر وڏيرن خلاف زبان کولي ويٺي، هن ڪيس داخل ڪرائڻ  ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ميرپورماٿيلو ٿاڻي آڏو احتجاج ڪندي چيو ته منهنجي پُٽ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي مٿان ڪجھ سال اڳ شهباز لُنڊ فائرنگ ڪئي هئي، جنهن تي هو معجزانه طور بچي ويو، هن وڌيڪ چيو ته هاڻي خبر ناهي ته منهنجي پُٽ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي کي ڪنهن قتل ڪيو آهي، هُن مطالبو ڪيو ته منهنجي پُٽ جا اصل قاتل گرفتار ڪري انهن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو هندا سون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.