سرگوڌا ۾ وڳوڙن الزام هيٺ 5 سئو ماڻهن مٿان ڪيس

سرگوڌا (م ڊ) پنجاب جي شهر سرگوڌا ۾ پوليس توهين مذهب جي الزام ۾ فسادن، ڀڃ ڊاهه ۽ پرتشدد مظاهرن ۾ ملوث 16 نامزد ۽ 500 نامعلوم ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. ڪيس ۾ قتل جي ارادي، دهشتگردي ۽ ٻيا قلم شامل ڪيا ويا آهن. پوليس موجب، هڪ عيسائي شخص کي توهين مذهب جي الزام ۾ گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ توهين مذهب جي الزام ۾ مسيحي برادريءَ جي ماڻهن مٿان حملا ڪري باهيون ڏنيون ويون هيون ۽ ماڻهن تي تشدد ڪيو ويو هو، جنهن سبب هنگامو ٿي ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.