ڪراچي جي زمينن تي قبضا:ملڪ رياض خلاف نيب ريفرنس داخل ٿيڻ وارو

اسلام آباد (عمران شفقت+عمر چيما) بحريا ٽائون جو مالڪ ملڪ رياض وڏي ڏچي ۾ ڦاسڻ وارو،گهيرو تنگ، نيب سرگرم،خبر موجب افواهه آهن ته بزنس ٽائڪون ملڪ رياض  اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف سلطاني شاهد بڻجڻ لاءِ راضي ٿي ويو آهي. ان لاءِ ذلفي بخاري، شهزاد اڪبر، ملڪ رياض ۽  فرح گوگي تي شاهد بڻجڻ لاءِ زور ڏنو ويو هو، جن مان ملڪ رياض تيار ٿي ويو آهي. اهي چارئي ماڻهو ملڪ کان ٻاهر آهن پر انهن تي مختلف ذريعن کان دٻاءُ وڌو پيو وڃي. جڏهن ته عمران خان حڪومت جي صلاحڪار شهزاد اڪبر هڪ وي لاگ ۾ چيو آهي ته فوج ۾ آرمي چيف خلاف بغاوت ممڪن ناهي پر  سازش ته ٿي سگهي ٿي؟ جنرل پرويز مشرف خلاف سازش سندس آءِ ايس آءِ سربراهه نه ڪئي هئي؟ 190 ملين پائونڊ ڪيس کانپوءِ برطانيا ۽ آمريڪا ملڪ رياض جي پنهنجي ملڪ اندر اچڻ تي پابندي لڳائي آهي، ذريعن موجب آصف زرداري جيڪو ماضي ۾ ملڪ رياض جو ڪاروباري ڀائيوار رهيو آهي ان جا هاڻي ملڪ رياض سان اڳ وارا لاڳاپا ناهن، ن ليگ وارا به ملڪ رياض خلاف ڪيس کولي ويٺا آهن،جڏهن ته ملڪ رياض جا عمران خان سان سٺي دوست رهي ،ايستائين جو نياپاڪستان هائوسنگ اسڪيم ۾ بحريا ٽائون جي ڀائيواري هئي، تاثر اهو آهي ته ملڪ رياض 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ واعدا معاف گواهه بڻجڻ لاءِ ملڪ رياض تي دٻاءُ آهي،نيب ذريعن موجب ملڪ رياض تي ڪيترائي ڪيس هلي رهيا آهن ۽ ثبوت به موجود آهن، ڪجهه ڏينهن ۾ ملڪ رياض تي ريفرنس داخل ٿيڻ وارو آهي، هن ڪراچي جي زمينن تي قبضي جو ريفرنس داخل ٿيندو، ملڪ رياض سپريم ڪورٽ پاران مڙهيل ڏنڊ جي رقم ادا ناهي ڪئي، ڇو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم نامي ۾ آهي ته ملڪ رياض جيڪڏهن ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪئي ته مٿس ريفرنس داخل ڪيو وڃي،نيب ذريعن اهو به ٻڌايو ته اسان تي ملڪ رياض خلاف ريفرنس داخل نه ڪرڻ لاءِ ڪو به دٻاءُ ناهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.