وڏي وزير خيرپور ضلعي ۾ ارڙي ڪيسن جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

ڪراچي ( رپورٽر ) خيرپور ۾ ارڙي ڪيسز جو نوٽس وٺندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ھدايت ڪئي تھ ارڙي جي روڪٿام لاءِ ڀرپور اپاءَ ورتا وڃن. ھن اھڙي ھدايت آچر ڏھاڙي وزيراعليٰ ھائوس مان جاري سندس بيان ۾ ڪئي. وڏي وزير ڊائريڪٽر صحت کاتي کان ڪوٽ ڏيجي ۽ فيض گنج وارن علائقن ۾  ارڙي بيماري بابت تفصيل گھري ورتا آھن. ھن ڊي جي ھيلٿ کان ارڙي ڪيسز ۽ ان بيماريءَ جي روڪٿام لاءِ ڪيل اپائن بابت پڻ رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي. سنڌ جي وڏي وزير ڪمشنر سکر کي خيرپور ۾ ارڙيءَ جي ڪيسز جي جدا جاچ ڪرڻ جي ھدايت ڏني.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.