ميرپورماٿيلو(ن ع آ) صحافي شھيد نصرالله گڏاڻي جي جي عذرخواھي لاءِ پي ايف يو جي مرڪزي اڳواڻ لالا اسد پٺاڻ ميرپورماٿيلو لڳ ڳوٺ قبول خان گڏاڻي پھتي شھيد جي پونئيرن سان عذرخواھي ڪئي صحافي شھيد نصرالله گڏاڻي جي مغفرت لاءِ دعا پڻ گھري وئي جنهن بعد ھو گھر اچي شھيد جي امڙ، ڀاءُ يعقوب گڏاڻي ۽ معصوم ٻارڙن سان ڏک جو اظهار ڪيو ۽ ھن چيو ته اگر توهان چاهيو ته ٻارن جي تعليم سکر جي پبلڪ اسڪول ۾ ڪرائي ويندي جنهن جو مڪمل خرچ رھائش کاڌو پيتو ھر شئي ذميواري اسان جي ھوندي جنهن تي شھيد جي امڙ چيو ته في الحال اسان جو ھانءُ ٿو ڦاٽي جنهن بعد لالا اسد پٺاڻ وارثن کي چيو ته آءُ ڪوشش ڪري سنڌ حڪومت کان شهيد جي وارثن کي ھڪ ڪروڙ روپيا منظور ڪرائي ڏيندس ته جيئن پويان وارثن جي مدد ٿي سگهي جنهن بعد لالا اسد پٺاڻ واپس ٿيو ته رستي ۾ لاٽڪي برادري جي ماڻهن جو عورتن سميت قرآن پاڪ کڻي لالا اسد پٺاڻ جي گاڏي اڳيان اچي دانھيو ته پوليس اسان جا چار ماڻهو گرفتار ڪيا آهن گرفتار ٿيل ۾ نثار احمد، معشوق احمد،برڪت شامل آهن جيڪي ماڻهو پوليس ظاهر نٿي ڪري ۽ پوليس پاران چيو ٿو وڃي ته توهان جي ماڻهن جو نصرالله گڏاڻي جي قتل سان واسطو آهي خدارا اسان سان انصاف ڪيو وڃي جنهن تي لالا اسد پٺاڻ يقين ڏياريو ته جيڪڏهن توهان جا ماڻھن قتل ۾ ملوث نه ھوندا ته انهن کي آزاد ڪيو ويندو جنھن بعد لالا اسد پٺاڻ وفد جي صورت ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس ميرپورماٿيلو پھتو عوامي آواز ٽي وي ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته منهنجي ايس ايس پي گهوٽڪي سان ملاقات ٿي آهي جنهن چيو آهي ته ٻن ڏينهن تائين ملوث ماڻهن کي منظر عام تي آندو ويندو،