آرمي چيف پاران ايراني فوج جي سربراهه سان ٽيليفونڪ رابطو

راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ۽ ايراني هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو.جنهن ۾ جنرل عاصم منير 19 مئي جي هيلي ڪاپٽر حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ايراني صدر ابراهيم رئيسي ۽ ايراني پرڏيهي وزير امير عبداللهيان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سوڳوار خاندانن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.ايراني هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف ميجر جنرل محمد بغيري سان ڳالهه ٻولهه ڪندي سيد عاصم منير چيو ته مرحوم صدر ابراهيم رئيسي ۽ ايراني پرڏيهي وزير پاڪستان جا سچا دوست هئا .ٻنهي اڳواڻن ۽ ٻين جي لاڏاڻي سان ناقابل تلافي نقصان پهتو آهي، پاڪ فوج جا سمورا رينڪنگ مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ دعاگو آهن. ايراني چيف آف جنرل اسٽاف ڏک جي وقت ۾ سهڪار تي آرمي چيف جا ٿورا مڃيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.