دبئي (م ڊ) بحريا ٽائون جي سربراهه ملڪ رياض چيو آهي ته هو ڪنهن کي به اجازت نه ڏيندو ته هو کيس سياسي مقصدن لاءِ پنهنجي پياديءَ طور استعمال ڪري. ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ ملڪ رياض چيو ته سڄي زندگي الله تعاليٰ مون کي پنهنجي اصول تي قائم رهڻ جي رهنمائي ڪئي آهي ته ڪنهن به معاملي ۾ سياسي ڌر نه بڻجان. هن چيو ته هڪ سال کان به وڌيڪ عرصي کان مون تي سمجهوتي لاءِ تمام گهڻو دٻاءُ آهي پر مان ڪنهن کي به اها اجازت نه ڏيندس ته اهو مون کي سياسي مقصد لاءِ پيادي طور استعمال ڪري. ملڪ رياض چيو ته پاڪستان ۾ جديد منصوبا متعارف ڪرائڻ تي مون کي ۽ منهنجي ڪاروبار کي هميشه نشانو بڻايو ويو آهي. 1996ع کان وٺي اڄ تائين ملڪ جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي سزا ڀوڳي رهيو آهيان. هن چيو ته مون ماضي ۾ الله تعاليٰ جي مدد پوري حوصلي ۽ طاقت سان ان دٻاءَ کي منهن ڏنو آهي. اڄ به يقين سان چئي سگهان ٿو ته ان لاءِ منهنجي لاش تان گذرڻو پوندو. ملڪ رياض وڌيڪ چيو ته پنهنجي بيمار حالت ۽ پريشانيءَ جي باوجود الله جي مدد سان ان مصيبت کي منهن ڏيڻ لاءِ ثابت قدم آهيان، روزانو مالي نقصان برداشت ڪري رهيو آهيان ۽ ڀت ڏانهن ڌڪيو پيو وڃان پر ڪنهن به دٻاءَ آڏو نه هٿيار ڦٽا نه ڪندس. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ هن ڏکئي وقت ۾ منهنجي رهنمائي ڪري مون کي سرخرو ڪندو.