موجوده صورتحال ۾ پريشر ڪڪر ڦاٽڻ وارو آهي:علوي

ڪراچي ( رپورٽر)  اڳوڻي صدر ڊاڪٽر عارف علوي بحريا ٽائون جي چيئرمين ملڪ رياض  جي بيان تي پنهنجو ردعمل ڏيندي سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته موجوده صورتحال پريشر ڪڪر آهي، جيڪو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڦاٽڻ واروآهي ۽ اهو نقصان هنن جو نه ٿيندوجيڪي پرڏيهه فرار جا رستا ڳولي رهيا آهن.پر نقصانن انهن جو ٿيندو جن ملڪ ۾ جيئڻ ۽ مرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، عارف علوي چيو ته اچو ته قومن جي برادري ۾ عزت سان ملڪ کي خوشحال بڻايون ، هن ملڪ کي اسان کي بچائينداسين ۽ عزت سان خوشحال بڻائينداسين.  اڳوڻي صدر ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ چيو ته هو ملڪ مان جاري ڦرلٽ جو خاتمو آڻيندا ۽ اهو سڀ الله جي فضل ۽ پاڪستان جي باني پي ٽي آءِ جي قيادت ۾ ممڪن ٿيندو، بس ڪجهه ڏينهن باقي آهن انتظار ڪريو.

  1. عمران خان خلاف وڃڻ جو سوچي به نٿو سگهان:زلفي بخاري

ڪراچي (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ زلفي بخاري چيو آهي ته مولا جي ڪرم  سان منهنجو عمران خان خلاف وڃڻ واري ڳالهه ڪڏهن به حقيقت نه ٿي سگهي.زلفي بخاري سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته الحمدالله منهنجو خاندان هن وقت مڪمل طور تي محفوظ آهي، هو ڪنهن به دٻاءَ ۾ نه آهن ۽ نه ئي ڪو خطرو آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ جي باني خلاف القادر ڪيس ۾ گواهي جو ڪيس آهي ته اهو ڪوڙو ڪيس آهي، جنهن ۾ اڳوڻي وزيراعظم کي سزا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني خلاف وڃڻ يا شاهد بڻجڻ چند ماڻهن جي خواهش ٿي سگهي ٿي پر اها ڪڏهن به حقيقت نه ٿي سگهي.هن چيو ته اڳوڻو وزيراعظم هن وقت ملڪ جو واحد سچ آهي، جيڪو به ان سچ جي خلاف ويو ان کي خوار ڪيو ويو ۽ انهن وجود ئي ختم ٿي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.