ڪڪڙ(ن ع آ) ميرپورماٿيلو جي جاکوڙي ۽ بھادر صحافي نصرالله گڏاڻي جي شهادت واقعي خلاف قاتلن جي گرفتاري لاءِ پريس ڪلب ڪڪڙ جي سڏ تي قلم ڌڻين پاران ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ڪڪڙ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهروڪندي قاتلن کي فورن گرفتاري جو مطالبو ڪيو آھي ان دوران ڪڪڙ جي عوامي آواز رپورٽر شفيع محمد جنجھ 8 ڏينھن اندر قاتل گرفتار ن ٿيڻ جي صورت ۾ پريس ڪلب اڳيان پاڻ ساڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي احتجاج ۾ شفيع محمد جنجھ ،غلام رسول ٻٻر گل حسن نوداڻي علڻ خان نائچ ظھيراحمد ٻٻر اميرحسن ملاح مھراڻ تڳر رزاق ھنڱورو اشرف جنجھ درمحمد کرل رياض نائچ سميت ٻين صحافين شريڪ ٿيا پريس ڪلب جي سڏ تي واپارين سنڌي ادبي سنگت شھري اڳواڻن شرڪت ڪئي جنھن ۾ محمد اقبال چارڻ ،سيد نثار علي شاھ، قربان ڳاھو، ڪريم جوڻيجو، غلام مصطفيٰ شر، مولا بخش جنجھ ۽ ٻين شرڪت ڪئي
-
سنڌي ادبي سنگت سرحد پاران شهيد نصرالله گڏاڻي جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو
گهوٽڪي(ڊ ر) سنڌي ادبي سنگت شاخ سرحد پاران شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي ياد ۾ پريس ڪلب سرحد جي صدر حاڪم خان ابڙي جي صدارت هيٺ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو. تعزيتي ميڙاڪي ۾ سنڌي ادبي سنگت گهوٽڪي ضلعي جي رابطا سيڪريٽري سڪندر اوڳاهي ،غلام ياسين اوڳاهي ،عطا سومرو،رياض اوڳاهي، حق نواز انڍڙ، ڪامريڊ رفيق ڏھر،الطاف اوڳاهي ،راڻا راحت، راڻا اقبال، محمد شعبان اوڳاهي ،ابوبڪر پهوڙ، نور حسن، اعجاز ڀٽي، ڀارت راج گنڊير، فياض نوناري، ڪپيل کتري، حاجي محمد مهر، سروپ چند، بابر مھر، عبدالغفار پهوڙ، سردار ابڙو،شوڪت اوڳاهي ،عبدالغفار ابڙو، عبدالقادر گهنڃو، اشوڪ ڪمار۽ ٻين شهيد نصرالله گڏاڻي کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته هو صحافت جو انمول ڪردار هو جنهن قلم جي تقدس کي ڪڏهن به پائمال ٿيڻ نه ڏنوآخر ۾ پريس ڪلب سرحد آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري شهيد نصرالله گڏاڻي جي خون سان انصاف جو مطالبو پڻ ڪيو ويو.
-
جروار ۾ شهيد نصرالله گڏاڻي جي تصوير آڏو ڏيئا ٻاري خراج تحسين
جروار(همت بوزدار) پريس ڪلب جروار آڏو شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي تصوير آڏو ڏيئا ٻاري گل نڇاور ڪري ڀيٽا پيش ڪئي وئي جنهن ۾ صحافين سان گڏ شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي اڳواڻن سڪندر بوزدار زاهد علي عبدالقدير وڪاش ڪمار ۽ ٻين جو چوڻ هو ته شهيد نصرالله گڏاڻي حق ۽سچ لکڻ تي شهيد ڪيو ويو هن شهادت سنڌ جي عوام کي جاڳائي ڇڏيو عوام هاڻي ظلم خلاف آواز بلند ڪري .