صالح پٽ ۾ ”ڀوتار مائي فُٽ“ نعرن جي گونج

صالح پٽ (ن ع آ) صالح پٽ ۾ صحافين ۽ سماجي اڳواڻن پاران شهيد نصرالله گڏاڻي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سندس تصوير اڳيان ڏيئا ٻاري گل نڇاور ڪري خراج تحسين پيش ڪيو ويو، ان موقعي تي منير احمد مهر، الهوڌايو مهر،سجاد گڏاڻي،رانجهن شنباڻي،روي ڪمار،جاويد ڦلپوٽو،مهيش ڪمار، بگن شنباڻي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو  ويو، مظاهرين ڀوتار مائي فوٽ، ايس ايس پي گهوٽڪي کي هٽايو ۽ قاتل گرفتار ڪيو جا فلڪشگاف نعرا هڻندي چيو ته ايس ايس پي گهوٽڪي سمير نور چنا شهيد جو خون لوڙهڻ ۽ قاتلن کي بچائڻ لاء هر ممڪن حربا هلائي رهيو آهي ۽ شهيد صحافي جي خاندان کي هراسان ڪري پنهنجي مرضي  مطابق ڪيس داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.