پير، مير، سردار سنڌ جي شعور کي دٻائڻ چاهين ٿا:اقبال ملاح

حيدرآباد(رپورٽر)ڊيموڪريٽڪ لائيرز فورم سنڌ ۽ سنڌ عوامي فورم  طرفان سنڌ جي ارڏي ۽ بيباڪ صحافي شهيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن  جي گرفتاري لاءِ اولڊ ڪيمپس کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين نڪتل احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي عوامي آواز جي ريزيڊنٽ ايڊيٽر اقبال ملاح چيو ته صحافي پنهنجي عذاب واري زندگي، ڏک ۽ تڪليفون نه رپورٽ ڪندو آهي ۽ نه ئي ڪنهن کي ٻڌائيندو آهي، پر هو مسڪينن ۽ مظلومن جي لاءِ لکندو آهي، شهيد نصرالله گڏاڻي گذريل 18 سالن کان اسان جو قلمي ساٿي هو، شهيد نصرالله گڏاڻي کي 2023ع ۾ ايم پي او تحت سرڪار پاڻ گرفتار ڪري سندس مٿان ڪارو ڪپڙو وجهي تذليل ڪئي هئي، ان وقت اسان احتجاج ڪيا، سندس قانون مدد ڪئي ۽ ان وقت جي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس نصرالله گڏاڻي جي گرفتاري جو نوٽيس ورتو هو، جنهن کانپوءِ هو آزاد ٿيو.هن چيو ته سنڌ ۽ سنڌ جي مظلوم ۽ مسڪين ماڻهن جو آواز بڻجندڙ صحافي ماريا وڃن ٿا، هن چيو ته سنڌ ۾ بيگناهه ماڻهن ماريا پيا وڃن پر سرڪار کي ڪا ڳڻتي ئي ناهي، اسان شهيد جان محمد مهر جي تڏي تي ويٺا هئاسين ته اسان جي نياڻي فاطمه ڦرڙو کي بيدردي سان ماريو ويو. هن چيو ته شهيد جان محمد مهر جو واقعو اهو نياپو هو ته لکڻ، سوچڻ ۽ مظلومن جو آواز بڻجڻ ڇڏي ڏيو نه ته ماريا ويندا، ان کانپوءِ اڄ اسان کي پنهنجي ساٿي نصرالله گڏاڻي جو لاش مليو آهي. هن چيو ته شهيد جان محمد مهر جا قاتل سکر کان 9 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ويٺا آهن، پر گرفتار نٿا ٿين، جاگيردار، پير، مير، سردار ۽ ڀوتار سنڌ جي شعور ۽ اٿندڙ هر آواز کي دٻائي سنڌ تي مڪمل قبضو ڪرڻ چاهين ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.