حيدرآباد(رپورٽر) ڊيموڪريٽڪ لائيرز فورم سنڌ طرفان، سردارن ۽ ڀوتارن کي للڪاريندڙ سنڌ جي ارڏي ۽ بيباڪ صحافي شهيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ اولڊ ڪيمپس کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ وڪيلن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊيموڪريٽڪ لائيرز فورم جي ڪنوينر ايڊووڪيٽ ستار سرڪي، ڊيموڪريٽڪ لائيرز فورم جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ عبدالحڪيم چانڊيو، ايڊووڪيٽ رميش گپتا، ايڊووڪيٽ فهيم نوناري، سنڌ عوامي فورم جي ڪنوينر حبيب جتوئي، ڊاڪٽر بدر چنا، محب آزاد لغاري، ايڊووڪيٽ روشن چانڊيو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته سنڌ اندر وڏيراشاهي، سرداري ۽ ڀوتاري نظام سبب سنڌ جو غريب ماڻهو وڏي درد ۽ تڪليف ۾ آهي، شهيد نصرالله گڏاڻي سردارن، ڀوتارن ۽ وڏيرن جي ان ظلم خلاف آواز اٿاري رهيو هو، شهيد صحافي کي اڳ به ايم پي او تحت گرفتار ڪيو ويو هو، پر پوءِ به نصرالله گڏاڻي نه جهڪيو ۽ پنهنجن اصولن تي قائم رهيو، هنن چيو ته هتي سردارن ۽ ڀوتارن پنهنجيون ڪيٽيون ٺاهي رکيون آهن، سنڌ کي مقتل گاهه بڻايو ويو آهي، شهيد ناظم جوکيو، شهيد فاطمه ڦرڙو، شهيد اجمل ساوند، شهيد جان محمد مهر ۽ شهيد نصرالله گڏاڻي جا قاتل ساڳيا آهن. هنن چيو ته شهيد نصرالله گڏاڻي ٻين جي ٻچن جي زندگي بهتر بنائڻ واري قلمي جدوجهد ۾ عوام دشمنن جي گولين جو نشانو بڻيو ۽ سندس معصوم ٻچا اڄ يتيم ٿيا آهن، هو قوم جي ٻچن کي پنهنجن ٻچن جيان سمجهندو هو، هو قومي درد رکندڙ صحافي هو. هنن مطالبو ڪيو ته شهيد نصرالله گڏاڻي جي امڙ جي فرياد تي ايف آءِ آر داخل ڪري قتل جي حاضر سروس جج جي نگراني ۾ ايماندار آفيسرن کان گهڻ رخي جاچ ڪرائي ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انجام تائين پهچايو وڃي.