سجاول( منظور احمد ميمڻ) سجاول ۾ جسقم پاران سنڌ ۾ وڌندڙ غير قانوني آبادي، منشيات جي استعمال، معدني وسيلن تي ڌارين جو قبضو ، بيروزگاري ۽ بدامني خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي احتجاجي ريلي ايريگيشن ڪالوني ناڪي کان پبلڪ پارڪ سجاول تائين احتجاجي ريلي ڪڍي پبلڪ پارڪ تي خطاب ڪيو، احتجاجي ريلي جي اڳواڻي جسقم جي چيئرمين صنعان خان قريشي ڪئي، جنهن ۾ سوين قومپرست اڳواڻن ۾ وائيس چيئرمين سرور خشڪ، جساف جو صدر اشرف ڪلھوڙو، اطھر سومرو، شفقت لغاري، غلام نبي کٽي، نظير لغاري، محمد خان پٺاڻ، سجاول سجاڳ فورم گل حسن رند ، منظور احمد ميمڻ، ممتاز ساند، اياز لغاري، طفيل گرماڻي ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته وقت جي حڪمرانن جي غلط پاليسين ۽ نااهلي سبب سنڌ جو امن تباھه ٿي ويو،صحافين قتل ٿي رهيا آهن! معصوم ٻار اغوا ڪري زنجيرن ۾ جڪڙي سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ڪري ڌاڙيل ڀنگ وٺي رهيا آهن، شهرن جو امن تباھه ڪيو ويو آهي، سج لهڻ سان ئي اُتر سنڌ جا وڏا ڪاروباري شهر بند ٿي وڃن ٿا،هن چيو ته سڄي سنڌ ۾ دهشتگردي، بدامني ۽ وهشت جي صورتحال آهي، ميرپور ماٿيلو جي بهادر صحافي نصرالله گڏاڻي کي قتل ڪيو ويو آهي، جنهن جا معصوم ٻار پيءُ جهڙي عظيم شخصيت جي شفقت کان محروم ٿي ويا آهن،شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪري قانون موجب سخت سزا ڏني وڃي ۽ سرڪار کي شهيد صحافي جي معصوم ٻچڙن جي تعليم، تربيت ۽ بهتر رهائش جو بندوبست ڪرڻ گهرجي،سندس چوڻ هو ته سکر جي صحافي جان محمد مهر جا قاتل به اڃان گرفتار نه ڪيا ويا آهن، صحافين جون تنظيمون مسلسل احتجاج ڪري رهيون آهن!هن چيو ته معصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ روز جي آئي ڊي ته جوڙيون وڃن ٿيون پر سرڪار معصوم پريا ڪماري کي بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي وڌيڪ خطاب ۾ چيو ته سنڌ جو وجود خطري ۾ آهي، سنڌ جون قيمتي زمينون نيلام ڪيون پيو وڃن، ڪارونجهر جبل، سمنڊ جي ٻيٽن تي قبضو ڪيو ويو آهي، سمنڊ جي ساحلي پٽي تي ڊجيٽل شهر ٺاهڻ جا منصوبا جوڙي رهيا آهن.هن چيو ته پوليس جي سرپرستي ۾ شهرن اندر منشيات جو سرعام وڪرو جاري آهي، نوجوانن نسل تباهھ ٿي رهيو آهي.صنعان خان وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ موجود غير قانوني ڌارين کي سرڪار پنهنجي ڏيهھ موڪلڻ لاءِ تيار ناهي، سڄي سنڌ جو اهو مطالبو رهيو آهي ته سنڌ ۾ موجود سمورن غير قانوني ڌارين کي پنهنجي ڏيه موڪليو وڃي.