چيني انجنيئرن تي حملي ۾ افغان زمين استعمال ٿي آهي: گهرو وزير

لاهور (بيورو+ م ڊ ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان ( ٽي ٽي پي)  بشام ۾ چيني انجنيئرن تي حملو ڪيو، سمورا ثبوت موجود آهن ته بشام ۾ حملي لاءِ افغان سرزمين استعمال ڪئي وئي، افغانستان  دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪري يا کين اسان جي حوالي ڪري.لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته سي پيڪ جي شڪل ۾ پاڪ چين تعاون جاري آهي ۽ اسان کي يقين آهي ته هو اسان جي لاءِ ۽ اسان انهن جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، مان اهو تصديق ڪرڻ چاهيان ٿو ته بشام ۾ چيني شهرين تي حملي ۾ افغانستان جي زمين استعمال ٿي جنهن  تي اسان کي سنگين ڳڻتي آهي.هن ٻڌايو ته اهي ماڻهو خاص طور تي چيني سيڪيورٽي کي ٽارگيٽ ڪري رهيا آهن ۽ انهن پلان ٺاهي حملو ڪيو. اسان  اهو مسئلو افغانستان جي عبوي حڪومت جي  آڏو اٿاريو آهي پر  اڃان تائين ڪي به مثبت نتيجا نه مليا آهن. اسان سرحدن تي به سيڪيورٽي وڌائي ڇڏي آهي. اسان کي اندازو آهي ته ان جي پٺيان ڪهڙيون طاقتون آهن جيڪي پاڪستان جون حالتون خراب ڪرڻ چاهين ٿا.هن چيو ته اسان سمورين شين کي سمجهون ٿا اهي ماڻهو افغان حڪومت جي ڪمزوري جو فائدو کڻي رهيا آهن. سرحدي علائقن ۾ پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جهڙن دهشتگردن کي سهولت پهچائي پئي وڃي. بشام  حملي ۾ 5 چيني شهري ۽ هڪ پاڪستاني شهيد ٿيو هو. سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن  هڪ وڏو ٽاسڪ ورتو ۽ سڀني ملي انهي ڪيس کي ٽريس ۽ هڪ هڪ شيءَ جو پتو لڳايو ۽ جيڪي مُک ماڻهو انهي ۾ ملوث هئا انهن کي گرفتار ڪيو ويو.محسن نقوي چيو ته چيني سيڪيورٽي اسان جي لاءِ انتهائي اهم آهي وزيراعظم جو چين جو دورو اسان جي لاءِ اهم آهي. اقتصادي طور تي چين سان تعاون اسان جي معيشت لاءِ اهم آهي ۽ انهي سلسلي ۾ چيني شهري جيڪي هتي آيل آهن انهن جي سيڪيورٽي کي يقيني بنائڻ اسان جي ذميواري آهي. بشام حملو افغانستان مان ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.