يونان ۾ پاڪستاني اينڪر ۽ ميراٿن رنر مونا خان گرفتار

ايٿنز (م ڊ) پاڪستاني اينڪر ۽ ميراٿن رنر مونا خان کي يونان جي شهر ايٿنز مان گرفتار ڪيو ويو آهي. ڪوچ محمد يوسف موجب مونا  خان 2 ڏينهن اڳ ايٿنز ۾ جابلو ايونٽ ۾ شرڪت لاءِ پهتي هئي، کيس جيل منتقل ڪيو ويو آهي، جنهن کي سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.ڪوچ محمد يوسف چيو آهي ته مونا خان جي آزادي لاءِ يونان ۾ پاڪستاني سفارتخاني کان مدد جي اپيل ڪئي آهي.ٻئي طرف پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ آهي ته پاڪستاني سفارتخاني معاملو يوناني اختيارين سان اٿاريو آهي ۽ يوناني اختيارين کان مونا خان تائين قونصل جي پهچ جي درخواست ڪئي آهي.سندس چوڻ آهي ته يونان ۾ پاڪستاني سفارتخانو مونا خان جي گرفتاري جي سببن جي جاچ ڪري رهيو آهي، پاڪستاني سفارتخانو مونا خان جي رننگ ڪوچ ملڪ يوسف سان به رابطي ۾ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.