ادارن ۾ ٽڪراءُ جاري رهيو ته مارشل لا لڳي سگهي ٿي: نجم سيٺي

اسلام آباد (م ڊ) سينيئر تجزئي نگار نجم سيٺي چيو آهي ته مون کي ڊپ آهي ته اسان ٽڪراءَ طرف وڃي رهيا آهيون. ججن کي روڪڻ ۽ عوام ۾ آزادي جي خواهش کي روڪڻ لاءِ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻي پوندي. چاهي اها معاشي ايمرجنسي هجي يا ڪا مخصوص ايمرجنسي. جڏهن ايمرجنسي هوندي ته ڪيتريون ئي پابنديون لڳي وينديون. مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن مسئلو هاڻي حل نه ٿيو ته ايمرجنسي سان به اهو حل نه ٿيندو. جيڪڏهن تڪرار جاري رهيو ته ملڪ ۾ مارشل لا لڳڻ جو امڪان آهي. اسان هڪ وڏي بحران ڏانهن رخ ڪري رهيا آهيون. مان اڳڪٿي ڪريان ٿو ته جيڪڏهن اسٽيبلشمنٽ يا عدليه هن بحران کي نه روڪيو ته جلد  يا دير سان اسٽيبلشمنٽ ايمرجنسي ڏانهن هلي ويندي. جيڪڏهن عمران خان، ڪي پي حڪومت، اسٽيبلشمنٽ ۽ عدليه پوئتي نه هٽي، سندن وچ ۾ ڪو به ٺاهه نه ٿيو ۽ ڳالهيون اهڙيون ٿينديون رهيون ته پوءِ ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن اسان جا اسٽيڪ هولڊر اسٽيبلشمينٽ، پي ٽي آءِ ۽ عدليه جي قيادت نه سڌري  ته حالتون مارشل لا ڏانهن وينديون. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي نجم سيٺي چيو ته سياسي غير يقيني کي حل ڪرڻ سڀ کان اهم ايجنڊا آهي. پرڏيهي ملڪ، آءِ ايم ايف ۽ اسان جا ماڻهو سڀ ڏسي رهيا آهن ته اهو ڪيئن حل ٿيندو. منهنجي مطابق اهو حل نه ٿيندو. سياسي استحڪام نه آيو ته معاشي پروگرام ڪم نه ڪندو. ڇاڪاڻ ته مان سمجهان ٿو ته پهريون ڀيرو عدليه بغاوت جي اسٽيج تي آهي. هن وڌيڪ چيو ته هي پهريون ڀيرو آهي ته آءِ ايس آءِ کي سڌي ريت هاءِ ڪورٽ ۾ نشانو بڻايو پيو وڃي. ٽارگيٽ ڪرڻ جي ضرورت نه هئي. دنيا ۾ هر هنڌ ايجنسيون هميشه ڳجهيون هونديون آهن پر هتي اسان جون عدالتون چئي رهيون آهن ته ٻاهر اچو اسان کي ڏيکاريو ته توهان ڪير آهيو. تون ڇا ڪري رهيا آهيو. هي پئسا ڪٿان اچن ٿا؟ اهي سوال ڳجهن ادارن کان نه پڇيا ويندا آهن پر اسان وٽ پڇيا پيا وڃن. اسٽيبلشمنٽ انهن ڳالهين تي خوش نه ٿي ٿي سگهي ڇو ته اسٽيبلشمنٽ جو ڪردار هميشه پردي جي پويان هوندو آهي، ڪڏهن به سامهون نه هوندو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.