لاڙڪاڻي ۾ گهرو اڻبڻت تان پيءُ ڌيءَ کي قتل ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻو (رپورٽ: عبدالوحيد  ابڙولاڙڪاڻي ڀرسان  رشيد وڳڻ ٿاڻي جي حد ۾ رشتيداري جي معاملي تان پئ ڌيءَ کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو، ڳوٺ محمد پريل بروهي ۾ پيءُ دلي جان بروهي پنهنجي 14  ورھين جي نياڻي خير بيبي بروهي کي گوليون ھڻي قتل ڪرڻ بعد پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته سڱاوتي جي معاملي تان پيءُ پنهنجي ڌيءَ کي قتل ڪري پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو آهي، جن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.