ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسي ايشن ڪراچي سميت صوبي ۾ امن امان جي خراب صورتحال خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي صدر ريحان عزيز ملڪ، جنرل سيڪريٽري سرفراز۽ ٻين درخواست داخل ڪئي آهي، درخواستگذارن جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرمنلز جي وارداتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، ڪنڌڪوٽ ڪشمور ۾ ڀتاخوري جا واقعا وڌي رهيا آهن. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته موبائل فون ۽ گاڏيون چوري ٿي رهيون آهن، اغوا ڀنگ جي وارداتن ۾ اضافو ٿيو آهي. اسٽريٽ ڪرمنلز، هٿياربندن جي ڦرلٽ، اغوا ڀنگ، موبائل فون ۽ گاڏيون چوري ڪندڙن خلاف فوري ڪارروائي جو حڪم ڏنو وڃي.ڪراچي، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، سکر ۽ گهوٽڪي جي رهواسين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو وڃي ۽ امن امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪامي تي پوليس ۽ ٻين ادارن خلاف انڪوائري ڪئي وڃي. درخواست جي ٻڌڻي سومر تي متوقع آهي.