ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکي وڏي وزيرن کي 21 کان 22 گريڊ ۾ پروموشن لاءِ سليڪشن بورڊ ۾ شامل ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. پنهنجي خط ۾ هن آئين جي آرٽيڪل 240 جو حوالو ڏيندي چيو ته وفاق ۽ صوبن ۾ سول سروسز جو اهم ڪردار آهي، پر هن وقت اعليٰ عهدن تي سليڪشن بورڊ ۾ صوبن کي نمائندگي ناهي. هن لکيو ته جڏهن سرڪاري ملازمن کي گريڊ 21 مان 22 گريڊ ۾ ترقي ڏني وڃي ته صوبن کان راءِ ورتي وڃي. پنهنجي خط ۾ مراد علي شاهه وزيراعظم کي درخواست ڪئي ۽ لکيو ته هاءِ پاور سليڪشن بورڊ کي ٻيهر جوڙيو وڃي ۽ بورڊ ۾ وڏن وزيرن ۽ صوبائي چيف سيڪريٽرين کي شامل ڪيو وڃي.