اسلام آباد ۾ ڌرڻي تي گاڏي چاڙهيندڙ فوجي آفيسر گرفتار

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد جي جناح ايونيو تي حادثي ۾ ملوث ڊرائيور کي ملٽري پوليس حوالي ڪيو ويو آهي. ان حادثي ۾ "سيف غزه”  مظاهري جا ٻه شرڪت ڪندڙ مارجي ويا، جڏهن ته ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا. واقعي ۾ هڪ پوليس اهلڪار پڻ زخمي ٿيو. پوليس ايف آءِ آر موجب جوابدار جو نالو بلال فيصل آهي. پوليس ترجمان تقي جاويد ٻڌايو ته جوابدار حاضر سروس ليفٽيننٽ آهي، جڏهن ته سندس پيءُ برگيڊيئر آهي. جوابدار کي واقعي جي ٻئي ڏينهن ملٽري پوليس حوالي ڪيو ويو. جماعت اسلامي جي اڳوڻي سينيٽر ۽ سيف غزه جي سرپرست مشتاق احمد چيو ته ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙ 12 مئي کان ڊي چوڪ تي ويٺا آهن. واقعي وقت هو پاڻ اتي موجود هو. حادثي ۾ ڪوٽلي جو 22 ورهين جو رومان ساجد ۽ راولپنڊي جو 45 ورهين جو شيخ عمران فوت ٿي ويا. مشتاق احمد موجب، ”اسان تي چڙهڻ کان پوءِ گاڏي اڳتي وڌي ۽ ڊي چوڪ وٽ لوهي دروازي وٽ وري موٽي. پوليس کي ٽائرن ۾ گوليون هڻي گاڏي روڪائڻ لاءِ چيو پر هنن ايئن نه ڪيو. جڏهن [گاڏي] يو ٽرن ورتو ته اهو خوف هو ته اها ٻيهر اسان جي مٿان چڙهي ويندي. مون پوليس کي گذارش ڪئي ته ڪار کي روڪڻ لاءِ هن جا ٽائر ڦاٽي گوليون هڻي يا هوا ۾ فائر ڪري ته جيئن [ڊرائيور] گھٻرائجي ۽ روڪي. مشتاق احمد چيو ته ‘شايد پوليس وارن وٽ بندوق نه هئي ڇو ته هنن ڪار تي فائرنگ نه ڪئي. سندس چوڻ هو ته گاڏي سندس ڀرسان لنگهي ۽ جناح ايونيو تي بيهي رهي. ڊرائيور  ٽائر ۾ ڦاٿل تارن کي هٽائڻ بعد  هڪ ڀيرو ٻيهر احتجاج ڪندڙن ڏانهن آندي. حادثي سبب هڪ شخص جو سر ڌڙ کان ڌار ٿي ويو. ٻيو به اتي ئي مري ويو. پوليس ايف آءِ آر موجب پوليس فوري طور تي گاڏي کي بلاڪ ڪري ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو. اڳوڻي سينيٽر الزام لڳايو ته پوليس سندن شڪايت تي ايف آءِ آر داخل ڪئي جيڪا ڪمزور آهي، جڏهن ته اکين ڏٺن شاهدن ۽ وارثن جي شڪايت تي ڪيس داخل ناهي ڪيو ويو. هن دعويٰ ڪئي ته پوليس پهريان هڪ ٻيو شخص ڏيکاريو پر جڏهن دٻاءُ آيو ته اصل جوابدار کي پڪڙيو پر ايف آءِ آر ۾ سندس وارثن جو نالو ناهي لکيو ويو. ڪوهسار ٿاڻي جي جاچ آفيسر ٻڌايو ته واقعي جي ايف آءِ آر فوتين جي وارثن جي درخواست تي داخل ڪئي ويندي. ڪيس جي جاچ هاڻي ملٽري پوليس ڪري رهي آهي. ڪيس ڪوهسار ٿاڻي ۾ داخل آهي، ان ڪري ملٽري پوليس جوابدارن جي جاچ پوليس سان شيئر ڪندي، جنهن کي ڪيس جي چالان ۾ شامل ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.