حيدرآباد ۾ چوري الزام هيٺ نينگر مٿان وحشياڻو تشدد، 3 ڄڻا گرفتار

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي هالا ناڪي لڳ قائم نيو سبزي منڊي ۾ واپارين چوري ڪرڻ جي الزام هيٺ 14 ورهين جي نينگر راشد جتوئي کي  سوگهو ڪري تشدد جو نشانو بڻايو، انهي دوران ماڻهن جو وڏو هجوم گڏ ٿي ويو، جنھن دوران ماڻهن نينگر کي ڪپڙن کان آجو ڪري بجلي ٿنڀي ۾ ٻڌي بدترين تشدد ڪري تذليل ڪئي ،نينگر تي تشدد ٿيڻ واري ويڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي،  ويڊيو وائرل ٿيڻ واري واقعي جي ٻن ڪلاڪن کانپوءِ ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ لنجار واقعي جو نوٽيس ورتو، جنهن کانپوءِ پوليس حرڪت ۾ آئي ۽ هٿڙي پوليس پهچي تشدد ڪرڻ جي الزام هيٺ ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو ۽ متاثر نينگر جو ميڊيڪل ڪرائڻ لاءِ سول اسپتال آندو ويو. ان حوالي سان هٽڙي پوليس جو چوڻ هو ته واقعي ۾ ملوث ٽن ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس موجب نينگر راشد جتوئي تي ڪن ماڻهن پٽاٽا چوري ڪرڻ جو الزام لڳايو ته ڪن وري موبائل چوري ڪرڻ جو الزام لڳائي تشدد ڪري قانون هٿ ۾ کنيو. ٻئي هٽڙي پوليس نينگر تي تشدد ۽ تذليل واري واقعي جو ڪيس سرڪار جي فرياد تي 20 کان 30 اڻڄاتل ماڻهن خلاف داخل ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.