ايس آءِ ايف سي مان اميدن بدران مالياتي پوزيشن بهتر ڪريو

ڪراچي (رپورٽر)اڳوڻي ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته ڪرپشن گهٽجڻ سان پاڪستان امير نه ٿيندو. معاشري ۾ انسانيت پيدا ڪرڻ سان سيڙپڪاري ايندي.ڪراچي ۾ حبيبين ڊائلاگ سيمينار ۾ ڳالهائيندي مفتاح اسماعيل چيو ته ناڻي واري وزير جي حيثيت سان آءِ ايم ايف)سان رابطو نه ڪرڻ اسد عمر جي غلطي هئي. اڳوڻي ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته اسحاق ڊار کي وزير ٿيڻ جو شوق هو، ميان صاحب چيو ته پيٽرول جا اگهه نه وڌندا، شهباز شريف ڪجهه نٿو چئي سگهي.هن اهو به چيو ته سول حڪومت 40 ارب تي هلندي آهي، آسانيون پيدا ڪرڻ سان سيڙپڪاري ايندي.هن وڌيڪ چيو ته عمران خان وٽ جمهوري جذبو ناهي، عمران خان کي اشارو ملي ته گڏ شامل ٿي ويندو، مفتاح اسماعيل چيو ته جيڪو توهان کي کڻي اچي ٿو اهو ئي توهان کي واپس موڪليندو، هن وڌيڪ چيو ته اسان کي وزارتون ملي سگهن پيون، پر اسان عوامي مينڊيٽ سان اينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.