ڪراچي ( رپورٽر) منارٽي رائٽس مارچ پاران ڪراچي پريس اڳيان سرگوڌا جي مجاهد ڪالوني ۾ عيسائي برادي خلاف مبينا ٽي ايل پي جي جٿي پاران حملي خلاف احتجاج مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج جي اڳواڻي ايم آر ايم جي ميمبر پاسٽر غزالا شفيق ۽ ايم آر ايم جي ميمبر لوڪ وڪٽر ڪئي، مظاھرين پنھنجن هٿن ۾ بينرکڻي سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو تھ ٽي ايل پي جي انتها پسندن پاران ماضي وانگر اڄ به ڪوڙا توهين رسالت جا الزام هڻي حملو ڪيو ويو ، جنهن جي سخت مذمت ڪيون ٿا. ھن چيو تھ هڪ مولوي جي چرچ تي هڪ 70 سالن کان وڌيڪ عمر جي بزرگ تي هجوم گڏ ڪري حملو ڪيو ويو ۽ ان جي فيڪٽري کي باھ ڏئي ساڙيو ويو جيڪو سراسر ظلم آهي. مظاھرين جو چوڻ هو ته ان موقعي تي ڀريل ويڊيو ۾ صاف نظر اچي رهيو آهي ته پنجاب پوليس ان واقعي ۾ تماشائي بڻجي واقعو ڏسي رهي آهي. مظاھرين چيو تھ ملڪ ۾ اهڙا واقعا بار بار ٿي رهيا آهن ڪمزور اقليتن تي ظلم ٿي رهيا آهن پر انتظاميا خاموش بڻيل آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا.