سرگوڌا (م ڊ) پنجاب صوبي جي شهر سرگوڌا ۾ توهين رسالت واري واقعي سبب ڇڪتاڻ پئدا ٿي وئي، پر ان ۾ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، مڇريل ماڻهن جي پٿراءَ سبب 10 کان وڌيڪ پوليس اهلڪار ۽ نوجوان زخمي ٿي پيا. آءِ جي پنجاب پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پوليس موقعي تي پهچي نه صرف 10 قيمتي جانيون بچائي پر صورتحال تي ڪنٽرول ڪيو ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. سرگوڌا پوليس پنهنجي جان خطري ۾ وجهي مسيحي خاندانن کي مڇريل ماڻهن جي ميڙ کان بچائي ورتو. سرگوڌا پوليس جي بروقت ڪارروائي سبب وڏي سانحي کان بچاءُ ٿي ويو. ضلعي امن ڪميٽي ۽ مسيحي برادري پوليس سان گڏجي صورتحال بهتر ڪرڻ ۾ موثر ڪردار ادا ڪيو. پنجاب صوبي جي سڌ سماءَ واري ڊائريڪٽر محمد اجمل ڀٽي ٻڌايو ته سمورن عيسائين کي پوليس ۽ انتظامي ادارن مناسب طريقي سان ريسڪيو ڪري محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو. هڪ اکين ڏٺي شاهد ٻڌايو ته صبح جو سوير مڇريل ماڻهن جوتن جي ڪارخاني کي باهه ڏئي هڪ 75 سالن جي شخص کي تشدد جو نشانو بڻايو. پوليس مقامي ماڻهن سان گڏجي ان کي بازياب ڪرايو. مجاهد نگر واري علائقي ۾ ڪاوڙيل ماڻهن چرچ ۾ وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس کين روڪيو ته هنن ڀڃ ڊاهه ڪئي. هوڏانهن هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان واقعي جي مذمت ڪندي مسيحي برادري کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هڪ بيان ۾ چيو ويو ته ڳوٺ گل والا ۾ ڪاوڙيل ماڻهن جي هٿان عيسائي برادري جي زندگين کي وڏو خطرو آهي. پنجاب پوليس ۽ ضلعي انتظاميا کي امن امان بحال ڪرڻ گهرجي.