سردار، وڏيرا ۽ ڀوتار پنهنجي خلاف هڪ لفظ به برداشت نٿا ڪن: ايس يو پي

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلعي حيدرآباد پاران شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ قاسم آباد جي  علائقي نسيم نگر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي منور خاصخيلي، اصغر قريشي، ڊاڪٽر بدر چنا، غفار چانڊيو، سميع چانڊيو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته سڄي سنڌ لاقانونيت ۽ بدامني جي ورچڙهيل آهي، سردار، وڏيرا ۽ ڀوتار پنهنجي خلاف هڪ لفظ به برداشت نٿا ڪن شهيد نصرالله گڏاڻي بهادر ۽ ارڏو صحافي هو، هن مقامي ڀوتارن جي ظلم ۽ جبر سميت سنڌ جي قومي حقن جي لاءِ آواز پئي اٿاريو ان ڏوهه ۾ ئي کيس شهيد ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.