ڪراچي بار پاران شهيد نصرالله گڏاڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج

ڪراچي (رپورٽر) گھوٽڪي جي صحافين نصر الله گڏاڻي جي قاتلن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف وڪيل به سراپا احتجاج بڻيل آهن .صحافي  نصرالله گڏاڻي قتل ۽ قاتلن جي عدم گرفتاري خلاف سٽي ڪورٽ ڪراچي ۾ وڪيلن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو .سٽي ڪورٽ ڪراچي ۾ احتجاجي مظاهري کان  خطاب ڪندي صدر ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ ، بئريسٽر خليل احمد شاھ ۽ ٻين وڪيلن چيو ته صوبي ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي وئي آهي. جنهن جي اسان کي گڻتي آهي .صدر ڪراچي بار جو چوڻ هو ته هتي آءِ  ڏينهن قتل ٿي رهيا آهن صحافي به محفوظ ناهي، گھوٽڪي پوليس ڌر ٿي ڪري صحافي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار نه ڪري شڪ ۽ شڪوڪ جو وڏو نشانو بڻائي رهي آهي.صدر ڪراچي بار عامر نواز وڙائچ چيو چيو ته اسان سرداري ۽ وڏيرڪي نظام کي نٿا مڃون وڏيرا صحافين کي ڪڏهن به جهڪائي نه سگهندا. صدر ڪراچي بار چيو اسان مطالبو ڪيون ٿا ته واقعي جي جڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.