صحافي نصرالله گڏاڻي لاءِ احتجاج ۽ وزيرن جون خاطريون

تحرير: محمد علي نقرچ

سنڌ اسيمبلي اها اسيمبلي آهي جنهن پاڪستان کي وجود ۾ آندو، ان اسيمبلي جي وطن جي وجود ۽ عوام جي حقن جي تحفظ لاءِ قدم کڻندڙ اداري جو اعزاز حاصل آهي، سنڌاسيمبلي ۾ جتي قانون جي حڪمران کي يقيني بڻائڻ، انساني حقن جي تحفظ سميت هر عوامي مسئلي کي آڻي ان تي بحث ڪري عوام جي ڀلائي لاءِ فيصلا ڪيا ويندا آهن، چونڊل نمائندا هجن يا صحافي، صنعتڪار هجن يا عام عوام هجي سردار هجن يا وڏيرا هر ماڻهو پنهنجي حقن لاءِ ان ايوان ۾ آواز اٿاري ٿو، اهڙن آوازن مان هڪ آواز صحافت جي آزادي، اظهار جي آزادي ۽ صحافين جي تحفظ جو آواز به بار بار گونجندو رهندو آهي، جنهن لاءِ ايوان ۾ ويٺل حڪومتي ميمبر توڙي مخالف ڌر ۾ ويٺل ايم پي ايز هجن يا کڻي گهرو وزارت، اطلاعات جي وزارت، يا خزاني واري اهم وزارتن جا وزير هجن اهي سڀ اسپيڪر جي ماتحت عوام جي اٿاريل آواز کي ورنائڻ جا پابند هوندا آهن.

سنڌ اسيمبلي جي ڪالهوڪي اجلاس ۾ عوامي آواز جي رپورٽر نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سنڌ پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن طرفان پريس گئلري ۾ سگهارو آواز اٿاريو ويو، ايسوسيئيشن جي صدر ڪامران رضي جي سربراهي ۾ اڪرم بلوچ، دودو چانڊيو، حميد سومرو، سنجي ساڌواڻي، ارباب چانڊيو، محمد علي نقرچ، رحمان ملڪ، بشير سنجراڻي، شڪيل نائچ، عاجز جمالي، قاضي آصف، عاطف، شبير لاشاري، جي ايم کوکر، فاروق راڄپوت، صغير چانڊيو، وحيد گل ميمڻ سميت وڏي انگ ۾ صحافين پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي احتجاج ڪندي نعريبازي  ڪئي، بينرن تي قتل جي مذمت ۽ قاتلن جي گرفتاري جا مطالبا هئا،  ان وچ ۾ اسپيڪر اويس قادر شاهه نوٽيس وٺندي پارلياماني ۽ گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار کي هدايت ڪئي ته هوصحافين سان ڳالهيون ڪري ان بعد گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار ۽ سنيئر وزير شرجيل  انعام ميمڻ صحافين وٽ پريس گئلري ۾ پهچي ڳالهيون ڪندي صحافين کي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو.

سنڌ حڪومت جي سينيئر اطلاعات کاتي جي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار کان صحافين سخت سوال ڪندي پڇاڻو ڪيو ته  پ پ جي سرڪار صحافين کي ئي تحفظ نه ٿي ڏئي سگهي ته پوءِ عام عوام جو ڪهڙو حشر هوندو، صحافي جان محمد مهر جا قاتل به اڃا گرفتار نه ٿيا آهن، مٿان وري هڪ ٻيو صحافي قتل ڪيو ويو آهي، آخر سرڪار عوامي جي تحفظ کي يقيني ڪڏهن بڻائيندي.

صوبائي وزيرن صحافين کي  خاطري ڪرائي ته  صحافي جي خون سان  انصاف ڪيو ويندو، ضياءَ الحسن لنجار چيو ته 3 شڪي ماڻهو گرفتار ڪيا آهن، اميد آهي ته هفتي ۾ اصل قاتلن تائين پهچي وينداسين، في الحال گرفتار ٿيلن کان جاچ هلي پئي، صحافي جي ڪيس ۾ جيڪا به اڳڀرائي ٿيندي ميڊيا کي آگاهه ڪيو ويندو.

سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ  صحافين وٽ پريس گئلري  ۾ هلي آيو ۽ ان کانپوءِ ايوان ۾ به صحافين جي تحفظ لاءِ ڳالهايو، سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت شهيد صحافي نصراللہ جي پونئرن جي ڀرپور مالي مدد ڪرڻ سان گڏ صحافي جي اولاد کي معياري تعليم ڏيارڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪندي، ان کانسواءِ سندس خاندان جي سهائتا ڪئي ويندي،  شرجيل ميمڻ چيو ته پيپلزپارٽي صحافت جي آزادي تي يقين رکي ٿي، صحافي جان محمد مهر جا قاتل اڃا گرفتار نه ٿيا آهن، ڪوشش آهي ته ان جا قاتل به گرفتار ڪيا وڃن، صحافي نصرالله گڏاڻي تي حملي بعد سنڌ سرڪار عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ سان مسلسل رابطي ۾ رهي، هر ممڪن سهڪار ڪيو ويو، صحافي کي جڏهن پنجاب مان سنڌ شفٽ ڪيو ويو ته ان جي پهچڻ کان اڳ وڏي وزير جي هدايت تي اسپتال کي ليٽر لکيو ويو ته علاج جو سمورو خرچ سرڪار ادا ڪندي، پ پ اظهار جي آزادي تي يقين رکي ٿي، ان ڪري برداشت جو مادو به آهي، صحافي تي حملو عدم برداشت جي نشاني آهي. ان کان اڳ سنڌ پارلياماني رپورٽرز  ايسوسيئيشن جي آفيس ۾ مخالف ڌر اڳواڻ علي خورشيدي آڏو پڻ صحافين ساٿي نصرالله گڏاڻي جو معاملو اٿاريو ۽ انصاف جي فراهمي ۾ مدد گهري جنهن تي هن چيو ته انصاف لاءِ هو صحافين سان گڏ هوندو.

سنڌ اسيمبلي جي ايوان ۾ صحافي نصرالله گڏاڻي جي مغفرت لاءِ دعا به گهرائي وئي، پ پ ايم پي اي هير سوهو ۽ جماعت اسلامي جي محمد فاروق ايوان ۾ ڳالهائيندي چيو ته صحافي نصرالله دعا گهرائي وڃي سندس وارثن کي الله صبر عطا فرمائي، اميد آهي ته پوليس جلد قاتلن کي به گرفتار ڪري وٺندي، محمد فاروق چيو ته شهيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي، اهڙي طرح صحافين ، چونڊيل نمائندن توڙي سنڌ سرڪار جي وزيرن هڪ آواز ٿي اهو طئه ڪيو ته صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري کان وٺي ٻين صحافين جي تحفظ لاءِ هر فورم تي آواز اٿارڻ سان گڏ عملي قدم به کنيا ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.