نصرالله گڏاڻي جو علاج هلندڙ،جوابدار گرفتار نه ٿيا،سڄي سنڌ ۾ مظاهرا

ڪراچي(رپورٽر) عوامي آواز جي رپورٽر نصر الله گڏاڻي جو ڪراچي جي مقامي اسپتال ۾ علاج هلندڙ آهي. ڊاڪٽرن مطابق نصرالله جي طبيعت  خطري کان ٻاهر آهي، ڊاڪٽرن پاران سرجري جو مشورو پڻ ڏنو ويو آهي، جنهن لاءِ  ڊاڪٽرن جي بورڊ صلاح مشورا پاڻ ۾ ڪري  رهيا آهن.  ڪراچي جي مقامي  اسپتال ۾ صحافي نصرالله گڏاڻي جو سٽي اسڪين جگر، گردن ۽ جسم جي ٻين حصن جون پڻ ٽيسٽون به ڪيون ويون آهن، ان موقعي تي نصرالله گڏاڻي جي ننڍي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي مطالبو ڪندي چيو آهي نصرالله گڏاڻي مٿان حملو ڪندڙن جوابدارن کي فوري  گرفتار ڪيو وڃي،ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ سيد غلام شاهه  اسپتال پهچي نصرالله گڏاڻي جي پڻ عيادت ڪندي چيو ته نصرالله گڏاڻي جي وارثن جي قانوني مدد پڻ ڪئي ويندي نصرالله گڏاڻي جي عيادت لاءِ  پهتل اقليتي برداري جي ايم اين اي ڊاڪٽر درشن لال پونشي ، ايم پي اي سردار ممتاز خان چانگ، ايس يو پي جي اڳواڻ ڪامريڊ حاتن شر ۽ ٻين چيو ته ضلعي گهوٽڪي جو دلير بي باڪ سينئير صحافي نصرالله گڏاڻي مٿان ٿيل قاتلاڻي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، ان موقعي تي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي اڳواڻ لالا اسد پٺاڻ، مرڪزي اڳواڻ خالد کوکر ۽ زاهد کوکر آغا خان اسپتال پهچي سينئير صحافي نصرالله  جي پڻ عيادت ڪئي. صحافي نصرالله گڏاڻي جي عيادت ڪرڻ لاءِ پيپلزپارٽي ضلعي گهوٽڪي جو صدر ء ضلعي وائيس چيئرمين مير بابر خان لنڊ ، آغا خان اسپتال ڪراچي پهتو ، مير بابر خان لنڊ اپيل ڪئي آهي ته سڀ دوست دعا ڪن هاڻي دعا جي ضرورت آهي

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا)عوامي آواز ميرپورماٿيلي جي رپورٽر نصرالله گڏاڻي تي حملي خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل، جوابدار  گرفتار نه ٿيا،تفصيل موجب عادلپور ۾مسرت مھر،اسلم مھر،عبدالحليم مھر، نظير احمد لانگاه،  آصف ڪلوڙ، غلام رسول مھر، ياسين ابڙو، عبدالحفيظ ابڙو، عابد مھر،چيلھار۾ شنڪرباغي،غازي خان نھوڙيو. محمدخان نھوڙي.و رجب رحمي بجير. عابد لونگاڻي. محمدرحيم مڱريو. ساجد نھوڙيو،ڪشور گھايل، جتيندرباغي،چاڪرخان نھوڙيو عبداللطيف نھوڙيو، پرديپ مجاھد، شروڻ ڪمار اوجھا ڏهرڪي ۾ ڌرڻي ۾ جماعت اسلامي پاڪستان جي ڊپٽي سيڪريٽري ممتاز حسين سھتو سردار احمد تبسم گڏاڻي ، مولانا حزب الله ،مولانا محمد يوسف مزاري،جيڪب آباد ۾ حضور بخش سومرو ڊاڪٽر اي جي انصاري، وڪيل عبدالحئي سومرو، ايم ڊي عمراڻي، دوست محمد لاشاري،  صحافي نواب لانگاهه،الاھي بخش جکرو، مشتاق احمد خاراني، راشد علي خاراني، وڪيل سيد محسود شاھ ،وڪيل اعجاز علي جکراڻي ،وڪيل عبدالباقي سومرو، شير علي جکراڻي مير حسن سالار سيال، جاويد علي سيال سومرو ،محمد صديق ٽالاڻي، رجب علي بروھي، شعبان ابڙو، جمال دين لانگاهه، جوهي ۾ اسماعيل پيرزادو ، ساوڻ خان ٻٻر، مولانا غلام مصطفي لاشاري،يس يو پي جي ڪامريڊ غلام قادر لغاري،خيرپور ۾ خان محمد خان، شاهد نواز سيال، مختيار ڦلپوٽو، ،زاھد سولنگي،يوسف آرائين،علي خان رند،محسن ڀٽي،فياض شيخ،کيبر ۾ واحد جان مري، علي ڏيٿو، ساگر سولنگي ڪوٽڙي ۾ ڌڻي بخش باريجو، جبار ڪابورو، حاڪم چانڊيو،نويد پنهور ،عرفان بليدي نويد راجپوت،ڪنب ۾ همت علي تمراڻي، صفدر چانڊيو،احمد علي رند، عامر علي لاشاري،بادشاھ گوپانگ لاڙڪاڻي ۾ عبدالوحيد  ابڙو، مجاھد  علي ڪھلوڙو، انور علي ابڙو، منصور موريو،شاھد دلبر،عبدالھادي ڀنگر، امير بخش،لاڙ حسين  بخش ابڙو محمد موسىٰ مستوئي، عرفان علي ابڙو  منهڙو ۾ ممتاز علي ملاح،غلام قادر ڏاهري،غلام محمد ڀٽي،غلام شبير ڏاهري،محمد حسن عمراڻي،عاشق ميان صاحب ۾ مُظفر ملڪ ، رائو مُحسن ، مُشتاق کوسو ، اقبال ساجد ، غلام رسول بروهي ، احسان مستوئي ، مُحمد موسي’ ٽڪري ، علي بخش شر ، الطاف ڀٽو،موري ۾ علي اصغر ڪورائي، جاني مورائي سومر سولنگي، محمد بخش عالماڻي، وحيد رزاق مستوئي، محمد اسحاق ڪورائي، محمد خان ڏاھري، لطف الله ڪلھوڙو، اياز سولنگي ، احمد علي شاھاڻي، دين محمد ڪلھوڙو، جاني مورائي، طالب کوسو،صادق زرداري،ڪاشف لغاري،نوشهري فيروز ۾ عتيق الرحمان وسطڙو،ايم ظفر تڳر،يونس راڄپر، مھر وسطڙو، معراج لاشاري،شاھد کوکر،پني عاقل ۾  پريل دايو، شڪيل وسير، برڪت جھنڊير، رستم انڍڙ، ميان جان محمد انڍڙ،  اديب بيخود بلوچ، نور محمد سومرو، زبير انڍڙ،  عرفان ڪلھوڙو، الطاف حسين ڪلوڙ، مير ماجد مھيسر،ڦلجي اسٽيشن ۾ شاھنواز سومرو،رانا نديم حسن،رانا محفوظ علي، سارنگ کوسو،وسيم پنھور،صالح پٽ ۾سجاد حسين گڏاڻي،منير احمد مهر،الهوڌايو مهر،اسلم مھر، طالب حسين  عزير مگسي،روي ڪمار،جاويد ڦلپوٽو،رانجهن شنباڻي،زاڪر ملوڪ شنباڻي،محمد اسلم شيخ، پرويز احمد،ضمير حسين مهر،مولوي انور حسين، اجي لالواڻي جو والد دليپ ڪمار، مکي روشن مل،بگن شنباڻي،سانگهڙ ۾ محمد حسين بليدي،غلام مصطفي ترين،الياس انجم، اي ڊي ڪنڀر، محمد علي شر، نادر بڙدي آصف ميمڻ، ظاهر شاه، محمد قذافي، وقاص رحماني،سيوهڻ ۾ نظر پنھور،ڪي ڪي بڙدي، ذوالفقار سولنگي، خالد ميمڻ، قادر ڪنڀر، گل سيوھاڻي، گلشير بلوچ، آصف ملاح، اشرف عطار، ياسين رند، شفيع محمد چنا، ماجد قريشي، رميز سولنگي،شھدادڪوٽ ۾ ديدار سومرو، رفيق ثمر ڀٽي، غني مجاهد، ڪامريڊ امير مڱڻهار، عدنان ڀٽي، صدام سولنگي، قربان ڏنڱر، عباس مگسي، شبير ڪمبوه، ذاڪر سيلرو،قيوم بروهي، جميل شاه، سلطانپور ۾ڪي بي انڍڙ، اياز سمائر، قربان علي مهر ،محمود علي مهر ،اصغر چاچڙ ،خان ملڪ، خدابخش چاچڙ ،سجاد ملاڻو، سماجي ورڪر محمد جادل منگي،اوٻاوڙو ۾ اڪبر علي گمب، وڪيل ساجد حسين دايو،علي نواز سپيو ،راڻا آصف، عبدالوحيد ملڪ، عبدالمجيد،عمرڪوٽ ۾ غلام محمد ڪنڀر،اي بي آريسر،سيد ريحان شبير شاهه،رسول بخش رحمداڻي، اتم سنگراسي،ممتاز آريسر، اسد ڀرگڙي، ڪانجي مل، اسد الله حسيني، اشوڪ ڪمار، سوائي مل رکيسر جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،ميرپورماٿيلو ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس آڏو ايس ٽي پي جي سينيئر وائيس چيئرمين ايڊووڪيٽ ڄام فتاح سميجو، جماعت اسلامي جو مرڪزي اڳواڻ ممتاز حسين سهتو، عبدالسلام گڏاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نٽهڻ اُس ۾ ڌرڻو هنيو ويو، ۽ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ميرپورماٿيلو جي صحافي نصرﷲ گڏاڻي جي قاتلاڻي حملي واري واقعي کي 3 ڏينھن گذري ويا آهن پر اڃا تائين جوابدار گرفتار ناهن ٿيا، ۽ نه ئي انهن کي ظاهر ڪيو ويو آهي،وارھ ۾اي جي پي مرڪزي اڳواڻ شير محمد چانڊيو. سماجي ورڪر غلامصطفي بروهي ادبي سنگت جي ساحل سڪندر سينئر صحافي منظور قريشي. رياض کٽياڻ. شفيق احمد پيرزادو،برهان چانڊيو ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ قلم ڌڻين خلاف عرصي کان هڪ منظوم سازش تحت حملن ۽ قتل گيري جو سلسلو جاري آهي پر افسوس جو ڪٿان به ڪو  انصاف نٿو ملي سگهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.