اسلام آباد(م ڊ) سرڪاري ملازمن جي ٻٽي شهريت تي پابندي جو ترميمي بل قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايو ويو. قومي اسيمبلي جي ميمبر نور عالم خان سول سرونٽ ايڪٽ ۾ ترميمي بل قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايو، جنهن موجب ٻٽي شهريت رکندڙ سرڪاري ملازم مقرري جو اهل نه هوندو. تجويز ڪيل ترميمي بل موجب سرڪاري ملازمن جي ٻٽي شهريت کي ڏٺو ويو آهي ۽ اهڙا ملازم ملڪي مفادن کي داءَ تي لڳائيندا آهن، اهڙا سرڪاري ملازم احتساب کان بچڻ لاءِ رٽائرمينٽ کانپوءِ به ملڪ ڇڏي ويندا آهن. بل بابت ڳالهائيندي نور عالم چيو ته پارليامينٽ ميمبرن جي ٻٽي شهريت تي پابندي اڳ ۾ ئي آهي، ججن ۽ سرڪاري ملازمن جي ٻٽي شهريت تي به پابندي هئڻ گهرجي.